O ye who believe! Choose not My enemy and your enemy for allies. Do ye give them friendship when they disbelieve in that truth which hath come unto you, driving out the messenger and you because ye believe in Allah, your Lord? If ye have come forth to strive in My way and seeking My good pleasure, (show them not friendship). Do ye show friendship unto them in secret, when I am Best Aware of what ye hide and what ye proclaim? And whosoever doeth it among you, he verily hath strayed from the right way
مومنو! اگر تم میری راہ میں لڑنے اور میری خوشنودی طلب کرنے کے لئے (مکے سے) نکلے ہو تو میرے اور اپنے دشمنوں کو دوست نہ بناؤ۔ تم تو ان کو دوستی کے پیغام بھیجتے ہو اور وہ (دین) حق سے جو تمہارے پاس آیا ہے منکر ہیں۔ اور اس باعث سے کہ تم اپنے پروردگار خدا تعالیٰ پر ایمان لائے ہو پیغمبر کو اور تم کو جلاوطن کرتے ہیں۔ تم ان کی طرف پوشیدہ پوشیدہ دوستی کے پیغام بھیجتے ہو۔ اور جو کچھ تم مخفی طور پر اور جو علیٰ الاعلان کرتے ہو وہ مجھے معلوم ہے۔ اور جو کوئی تم میں سے ایسا کرے گا وہ سیدھے راستے سے بھٹک گیا
اي ايمان وارؤ منھنجي دشمنن ۽ پنھنجي دشمنن کي دوست (ڪري) نه وٺو اُنھن ڏانھن دوستي جي ڪري پيغام موڪليو ٿا حالانڪ جيڪو اوھان وٽ سچو دين آيو آھي تنھن جا اُھي مُنڪر ٿي چڪا آھن پيغمبر کي ۽ اوھان کي (پنھنجي وطن مان) ھن ڪري ڪڍين ٿا پنھنجي پالڻھار الله تي ايمان آندو اَٿو جيڪڏھن (خاص) منھنجيءَ واٽ ۾ جھاد ڪرڻ لاءِ ۽ منھنجي رضامندي حاصل ڪرڻ لاءِ نڪتا آھيو انھن ڏانھن دوستي جي ڪري ڳُجھو پيغام ٿا موڪليو، حالانڪ جيڪي ڳجھو ڪريو ٿا ۽ جيڪي پڌرو ڪريو ٿا سو آءٌ چڱي طرح ڄاڻندو آھيان، ۽ اوھان مان جيڪو ائين ڪندو سو بيشڪ سِڌو رستو ڀُلو
If they have the upper hand of you, they will be your foes, and will stretch out their hands and their tongues toward you with evil (intent), and they long for you to disbelieve
اگر یہ کافر تم پر قدرت پالیں تو تمہارے دشمن ہوجائیں اور ایذا کے لئے تم پر ہاتھ (بھی) چلائیں اور زبانیں (بھی) اور چاہتے ہیں کہ تم کسی طرح کافر ہوجاؤ
Your ties of kindred and your children will avail you naught upon the Day of Resurrection. He will part you. Allah is Seer of what ye do
قیامت کے دن نہ تمہارے رشتے ناتے کام آئیں گے اور نہ اولاد۔ اس روز وہی تم میں فیصلہ کرے گا۔ اور جو کچھ تم کرتے ہو خدا اس کو دیکھتا ہے
ڪڏھن نه اوھان کي اوھان جا مائٽ ۽ نڪي اوھان جو اولاد قيامت جي ڏينھن ڪو فائدو ڏيندو، ۽ اوھان جي وچ ۾ (الله) فيصلو ڪندو، ۽ جيڪي (اوھين) ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي
There is a goodly pattern for you in Abraham and those with him, when they told their folk: Lo! we are guiltless of you and all that ye worship beside Allah. We have done with you. And there hath arisen between us and you hostility and hate for ever until ye believe in Allah only – save that which Abraham promised his father (when he said): I will ask forgiveness for thee, though I own nothing for thee from Allah – Our Lord! In Thee we put our trust, and unto Thee we turn repentant, and unto Thee is the journeying
تمہیں ابراہیم اور ان کے رفقاء کی نیک چال چلنی (ضرور) ہے۔ جب انہوں نے اپنی قوم کے لوگوں سے کہا کہ ہم تم سے اور ان (بتوں) سے جن کو تم خدا کے سوا پوجتے ہو بےتعلق ہیں (اور) تمہارے (معبودوں کے کبھی) قائل نہیں (ہوسکتے) اور جب تک تم خدائے واحد اور ایمان نہ لاؤ ہم میں تم میں ہمیشہ کھلم کھلا عداوت اور دشمنی رہے گی۔ ہاں ابراہیمؑ نے اپنے باپ سے یہ (ضرور) کہا کہ میں آپ کے لئے مغفرت مانگوں گا اور خدا کے سامنے آپ کے بارے میں کسی چیز کا کچھ اختیار نہیں رکھتا۔ اے ہمارے پروردگار تجھ ہی پر ہمارا بھروسہ ہے اور تیری ہی طرف ہم رجوع کرتے ہیں اور تیرے ہی حضور میں (ہمیں) لوٹ کر آنا ہے
بيشڪ ابراھيم ۽ جيڪي ساڻس ھوا تن جي طريقي ۾ اوھان لاءِ چڱي پيروي آھي، جڏھن پنھنجي قوم کي چيائون ته بيشڪ اسين اوھان کان ۽ جن کي الله کانسواءِ پوڄيندا آھيو تن کان بيزار آھيون، اوھان جا مُنڪر ٿي چڪاسون ۽ اسان جي ۽ اوھان جي وچ ۾ ھميشه دشمني ۽ وير پڌرو ٿي چڪو جيستائين ھڪ الله تي ايمان (نه) آڻيندؤ (ابراھيم جي پيروي چڱي آھي) سواءِ ھن (ڳالھ) جي ته ابراھيم جو پنھنجي پيءُ کي چوڻ ته تولاءِ ضرور بخشش گھرندس ۽ الله کان تولاءِ ڪجھ (ڪري) نه ٿو سگھان، (ابراھيم ۽ سندس ساٿين چيو ته) اي اسان جا پالڻھار توتي ڀروسو ڪيوسون ۽ توڏانھن موٽياسون ۽ تو ڏانھن (ئي) موٽڻ آھي
Verily ye have in them a goodly pattern for everyone who looketh to Allah and the Last Day. And whosoever may turn away, lo! still Allah, He is the Absolute, the Owner of Praise
تم (مسلمانوں) کو یعنی جو کوئی خدا (کے سامنے جانے) اور روز آخرت (کے آنے) کی امید رکھتا ہو اسے ان لوگوں کی نیک چال چلنی (ضرور) ہے۔ اور روگردانی کرے تو خدا بھی بےپرواہ اور سزاوار حمد (وثنا) ہے
بيشڪ انھيءَ (مٿينءَ) جماعت ۾ چڱي پيروي اوھان مان انھيءَ لاءِ آھي جيڪو الله (جي لقاءَ) ۽ قيامت جي ڏينھن (جي اچڻ) جي اميد رکندو ھجي، ۽ جيڪو منھن موڙيندو ته بيشڪ الله سڀ کان بي پرواھ ساراھيل آھي
Allah forbiddeth you not those who warred not against you on account of religion and drove you not out from your homes, that ye should show them kindness and deal justly with them. Lo! Allah loveth the just dealers
جن لوگوں نے تم سے دین کے بارے میں جنگ نہیں کی اور نہ تم کو تمہارے گھروں سے نکالا ان کے ساتھ بھلائی اور انصاف کا سلوک کرنے سے خدا تم کو منع نہیں کرتا۔ خدا تو انصاف کرنے والوں کو دوست رکھتا ہے
الله اوھان کي انھن (سان ڳنڍڻ) کان نٿو جھلي جن اوھان سان دين (جي ڳالھ) ۾ نه جنگ ڪئي آھي ۽ نڪي اوھان جي گھرن مان اوھان کي (ٻاھر) ڪڍيو آھي (۽ ھن ڳالھ کان به نٿو جھلي) ته ساڻن احسان ڪريو ۽ سندن حق ۾ انصاف ڪريو، بيشڪ الله انصاف ڪرڻ وارن کي دوست رکندو آھي
Allah forbiddeth you only those who warred against you on account of religion and have driven you out from your homes and helped to drive you out, that ye make friends of them. Whosoever maketh friends of them – (All) such are wrong-doers
خدا ان ہی لوگوں کے ساتھ تم کو دوستی کرنے سے منع کرتا ہے جنہوں نے تم سے دین کے بارے میں لڑائی کی اور تم کو تمہارے گھروں سے نکالا اور تمہارے نکالنے میں اوروں کی مدد کی۔ تو جو لوگ ایسوں سے دوستی کریں گے وہی ظالم ہیں
الله اوھان کي رڳو انھن (سان ڳنڍڻ) کان جھلي ٿو جن اوھان سان دين بابت ويڙھ ڪئي ۽ اوھان کي اوھان جي گھرن مان ڪڍيو آھي ۽ اوھان جي ڪڍڻ ۾ (ٻـين جي) مدد ڪئي آھي (ھن کان منع ڪري ٿو) ته ساڻن دوستي رکو، ۽ جيڪي ساڻن دوستي رکندا سي ئي ظالم آھن
O ye who believe! When believing women come unto you as fugitives, examine them. Allah is Best Aware of their faith. Then, if ye know them for true believers, send them not back unto the disbelievers. They are not lawful for them (the disbelievers), nor are they (the disbelievers) lawful for them. And give them (the disbelievers) that which they have spent (upon them). And it is no sin for you to marry such women when ye have given them their dues. And hold not to the ties of disbelieving women; and ask for (the return of) that which ye have spent; and let them (the disbelievers) ask for that which they have spent. That is the judgment of Allah. He judgeth between you. Allah is Knower, Wise
مومنو! جب تمہارے پاس مومن عورتیں وطن چھوڑ کر آئیں تو ان کی آزمائش کرلو۔ (اور) خدا تو ان کے ایمان کو خوب جانتا ہے۔ سو اگر تم کو معلوم ہو کہ مومن ہیں تو ان کو کفار کے پاس واپس نہ بھیجو۔ کہ نہ یہ ان کو حلال ہیں اور نہ وہ ان کو جائز۔ اور جو کچھ انہوں نے (ان پر) خرچ کیا ہو وہ ان کو دے دو۔ اور تم پر کچھ گناہ نہیں کہ ان عورتوں کو مہر دے کر ان سے نکاح کرلو اور کافر عورتوں کی ناموس کو قبضے میں نہ رکھو (یعنی کفار کو واپس دے دو) اور جو کچھ تم نے ان پر خرچ کیا ہو تم ان سے طلب کرلو اور جو کچھ انہوں نے (اپنی عورتوں پر) خرچ کیا ہو وہ تم سے طلب کرلیں۔ یہ خدا کا حکم ہے جو تم میں فیصلہ کئے دیتا ہے اور خدا جاننے والا حکمت والا ہے
اي ايمان وارؤ جڏھن اوھان وٽ مؤمنياڻيون وطن ڇڏي اچن تڏھن کين جانچيو، الله انھن جي ايمان کي چڱو ڄاڻندڙ آھي، پوءِ جيڪڏھن کين مؤمنياڻيون ڄاڻو ته انھن کي ڪافرن ڏانھن موٽائي نه موڪليو، نڪي اُھي (مُسلمان زالون) اُنھن (جي مڙسن ڪافرن) کي حلال آھن ۽ نڪي اُھي (ڪافر مڙس) انھن (مسلمان زالن) کي حلال آھن، ۽ جيڪي (ڪابين بابت) خرچ ڪيائون سو اُنھن مڙسن کي ڏيو، ۽ جڏھن کين سندن ڪابين ڏيو ته انھن جي نڪاح ڪرڻ ۾ اوھان تي (ڪو) گناھ نه آھي، ۽ پاڻ وٽ نه جھليو ڪافرياڻين جي لاڳاپن کي (به) ۽ جيڪي اوھان (پنھنجين زالن تي ڪابين) خرچ ڪيو سو جڳائي ته انھن کان گھرو ۽ جيڪي انھن (ڪافرن) پنھنجين زالن تي خرچ ڪيو سو ڀلي ته اُھي (اوھان کان) گھرن، اھو الله جو حُڪم آھي، جو اوھان جي وچ ۾ فيصلو ٿو ڪري، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي
And if any of your wives have gone from you unto the disbelievers and afterward ye have your turn (of triumph), then give unto those whose wives have gone the like of that which they have spent, and keep your duty to Allah in Whom ye are believers
اور اگر تمہاری عورتوں میں سے کوئی عورت تمہارے ہاتھ سے نکل کر کافروں کے پاس چلی جائے (اور اس کا مہر وصول نہ ہوا ہو) پھر تم ان سے جنگ کرو (اور ان سے تم کو غنیمت ہاتھ لگے) تو جن کی عورتیں چلی گئی ہیں ان کو (اس مال میں سے) اتنا دے دو جتنا انہوں نے خرچ کیا تھا اور خدا سے جس پر تم ایمان لائے ہو ڈرو
۽ جيڪڏھن اوھان جي زالن مان ڪا ڪافرن ڏانھن (مُرتد ٿي) وئي ھجي پوءِ (ڪافرن کي) ايذايو ته جن جون زالون ويئون ھجن تن کي (اُن مال مان) اوترو ڏيو جيترو انھن (ڪابين ۾) خرچ ڪيو ھو، ۽ انھيءَ الله کان ڊڄو جو جنھن تي اوھين ويساھ رکندڙ آھيو
O Prophet! If believing women come unto thee, taking oath of allegiance unto thee that they will ascribe no thing as partner unto Allah, and will neither steal nor commit adultery nor kill their children, nor produce any lie that they have devised between their hands and feet, nor disobey thee in what is right, then accept their allegiance and ask Allah to forgive them. Lo! Allah is Forgiving, Merciful
اے پیغمبر! جب تمہارے پاس مومن عورتیں اس بات پر بیعت کرنے کو آئیں کہ خدا کے ساتھ نہ شرک کریں گی نہ چوری کریں گی نہ بدکاری کریں گی نہ اپنی اولاد کو قتل کریں گی نہ اپنے ہاتھ پاؤں میں کوئی بہتان باندھ لائیں گی اور نہ نیک کاموں میں تمہاری نافرمانی کریں گی تو ان سے بیعت لے لو اور ان کے لئے خدا سے بخشش مانگو۔ بےشک خدا بخشنے والا مہربان ہے
اي پيغمبر جڏھن تو وٽ مؤمن زالون اچن ھن (شرط) تي ته توسان بيعت ڪن ته ڪنھن کي الله سان شريڪ مُقرّر نه ڪنديون ۽ نڪي چوري ڪنديون ۽ نڪي زنا ڪنديون ۽ نڪي پنھنجي اولاد کي ڪُھنديون ۽ نڪي اھڙي ڪوڙي تھمت آڻينديون جنھن کي پنھنجن ھٿن ۽ پنھنجن پيرن سان ٺاھيو ھجين ۽ نڪي ڪنھن چڱي ڪم ۾ تنھنجي نافرماني ڪنديون تڏھن سندن بيعت قبول ڪر ۽ انھن لاءِ الله کان بخشش گھر، ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي
O ye who believe! Be not friendly with a folk with whom Allah is wroth, (a folk) who have despaired of the Hereafter as the disbelievers despair of those who are in the graves
مومنو! ان لوگوں سے جن پر خدا غصے ہوا ہے دوستی نہ کرو (کیونکہ) جس طرح کافروں کو مردوں (کے جی اُٹھنے) کی امید نہیں اسی طرح ان لوگوں کو بھی آخرت (کے آنے) کی امید نہیں
اي ايمان وارؤ اوھين انھيءَ قوم سان دوستي نه رکو جنھن تي الله ڏمريو آھي بيشڪ اُھي آخرت (جي ثواب) کان (اھڙو) نا اُميد ٿيا آھن جھڙوڪ ڪافر قبرن وارن کان نا اُميد ٿيا آھن
English translation: Marmaduke Pickthall.Urdu translation: Fateh Muhammad Jalandhry.Sindhi translation: Taj Mehmood Amroti.Arabic: Uthmani Hafs, King Fahd Glorious Quran Printing Complex.