Alif. Lam. Ra. (This is) a Scripture which We have revealed unto thee (Muhammad) that thereby thou mayst bring forth mankind from darkness unto light, by the permission of their Lord, unto the path of the Mighty, the Owner of Praise
الٓرٰ۔ (یہ) ایک (پُرنور) کتاب (ہے) اس کو ہم نے تم پر اس لیے نازل کیا ہے کہ لوگوں کو اندھیرے سے نکال کر روشنی کی طرف لے جاؤ (یعنی) ان کے پروردگار کے حکم سے غالب اور قابل تعریف (خدا) کے رستے کی طرف
الٓرٰ، ھي ڪتاب آھي جو (اي پيغمبر) اُھو اسان توڏانھن ھن لاءِ نازل ڪيو آھي ته ماڻھن کي اونداھين مان سوجھري ڏانھن ڪڍين، (۽) سندس رب جي حُڪم سان انھي ساراھيل جي واٽ تي آڻين
Those who love the life of the world more than the Hereafter, and debar (men) from the way of Allah and would have it crooked: such are far astray
جو آخرت کی نسبت دنیا کو پسند کرتے اور (لوگوں کو) خدا کے رستے سے روکتے اور اس میں کجی چاہتے ہیں۔ یہ لوگ پرلے سرے کی گمراہی میں ہیں
جيڪي دنيا جي حياتيءَ کي آخرت جي حياتيءَ کان وڌيڪ پيارو رکندا آھن ۽ (ماڻھن کي) الله جي واٽ کان جھليندا آھن ۽ ان جي ڏنگائي گھرندا آھن، اھي وڏيءَ گمراھي ۾ آھن
And We never sent a messenger save with the language of his folk, that he might make (the message) clear for them. Then Allah sendeth whom He will astray, and guideth whom He will. He is the Mighty, the Wise
اور ہم نے کوئی پیغمبر نہیں بھیجا مگر اپنی قوم کی زبان بولتا تھا تاکہ انہیں (احکام خدا) کھول کھول کر بتا دے۔ پھر خدا جسے چاہتا ہے گمراہ کرتا ہے اور جسے چاہتا ہے ہدایت دیتا ہے اور وہ غالب (اور) حکمت والا ہے
۽ ڪنھن پيغمبر کي سندس قوم جي ٻوليءَ کانسواءِ ٻيء (ٻوليءَ) سان نه موڪليوسون (ھن لاءِ) ته انھن کي (پڌرو) بيان ڪري، پوءِ الله جنھن کي گھري ٿو تنھن کي ڀُلائي ٿو ۽ جنھن لاءِ وڻيس تنھن کي ھدايت ٿو ڪري، ۽ اُھو غالب حڪمت وارو آھي
We verily sent Moses with Our revelations, saying: Bring thy people forth from darkness unto light. And remind them of the days of Allah. Lo! therein are revelations for each steadfast, thankful (heart)
اور ہم نے موسیٰ کو اپنی نشانیاں دے کر بھیجا کہ اپنی قوم کو تاریکی سے نکال کر روشنی میں لے جاؤ۔ اور ان کو خدا کے دن یاد دلاؤ اس میں ان لوگوں کے لیے جو صابر وشاکر ہیں (قدرت خدا کی) نشانیاں ہیں
۽ بيشڪ موسىٰ کي پنھنجن معجزن سان موڪليوسون (چيوسون) ته پنھنجي قوم کي اونداھين مان سوجھري ڏانھن ڪڍ، ۽ کين الله (جي ڏمر) وارا ڏينھن ياد ڏيار، بيشڪ اُن ۾ ھر ڪنھن صابر شاڪر لاءِ نشانيون آھن
And (remind them) how Moses said unto his people: Remember Allah's favour unto you when He delivered you from Pharaoh's folk who were afflicting you with dreadful torment, and were slaying your sons and sparing your women; that was a tremendous trial from your Lord
اور جب موسیٰ نے اپنی قوم سے کہا کہ خدا نے جو تم پر مہربانیاں کی ہیں ان کو یاد کرو جب کہ تم کو فرعون کی قوم (کے ہاتھ) سے مخلصی دی وہ لوگ تمہیں بُرے عذاب دیتے تھے اور تمہارے بیٹوں کو مار ڈالتے تھے اور عورت ذات یعنی تمہاری لڑکیوں کو زندہ رہنے دیتے تھے اور اس میں تمہارے پروردگار کی طرف سے بڑی (سخت) آزمائش تھی
۽ (ياد ڪر) جڏھن موسىٰ پنھنجي قوم کي چيو ته پاڻ تي الله جون نعمتون ياد ڪريو جڏھن ته فرعون جي (انھن) ماڻھن کان اوھان کي بچايائين جيڪي اوھان کي سخت عذاب چکائيندا ھوا، ۽ اوھان جي پُٽ ڪُھندا ھوا ۽ اوھان جون ڌيئرون جيئريون ڇڏيندا ھوا، ۽ ھن ۾ اوھان جي پالڻھار کان اوھان لاءِ وڏي آزمائش ھُئي
Hath not the history of those before you reached you: the folk of Noah, and (the tribes of) A'ad and Thamud, and those after them? None save Allah knoweth them. Their messengers came unto them with clear proofs, but they thrust their hands into their mouths, and said: Lo! we disbelieve in that wherewith ye have been sent, and lo! we are in grave doubt concerning that to which ye call us
بھلا تم کو ان لوگوں (کے حالات) کی خبر نہیں پہنچی جو تم سے پہلے تھے (یعنی) نوح اور عاد اور ثمود کی قوم۔ اور جو ان کے بعد تھے۔ جن کا علم خدا کے سوا کسی کو نہیں (جب) ان کے پاس پیغمبر نشانیاں لے کر آئے تو انہوں نے اپنے ہاتھ ان کے مونہوں پر رکھ دیئے (کہ خاموش رہو) اور کہنے لگے کہ ہم تو تمہاری رسالت کو تسلیم نہیں کرتے اور جس چیز کی طرف تم ہمیں بلاتے ہو ہم اس سے قوی شک میں ہیں
اوھان کي انھن جي سُڌ نه پھتي آھي ڇا جيڪي اوھان کان اڳ نوح ۽ عاد جي قوم جا ھوا، ۽ جيڪي کانئن پوءِ ھوا، جن کي الله کان سواءِ ڪو ڪونه ڄاڻندو ھو، سندن پيغمبر وٽن پڌرن مُعجزن سان آيا پوءِ پنھنجا ھٿ واتن ۾ ورايائون ۽ چيائون ته جنھن شيء سان اوھان کي موڪليو ويو آھي تنھن جا اسين مُنڪر آھيون ۽ جنھن ڏانھن اوھين اسان کي سڏيندا آھيو تنھن کان اسين سخت شڪ ۾ پيل آھيون
Their messengers said: Can there be doubt concerning Allah, the Creator of the heavens and the earth? He calleth you that He may forgive you your sins and reprieve you unto an appointed term. They said: Ye are but mortals like us, who would fain turn us away from what our fathers used to worship. Then bring some clear warrant
ان کے پیغمبروں نے کہا کیا (تم کو) خدا (کے بارے) میں شک ہے جو آسمانوں اور زمین کا پیدا کرنے والا ہے۔ وہ تمہیں اس لیے بلاتا ہے کہ تمہارے گناہ بخشے اور (فائدہ پہنچانے کے لیے) ایک مدت مقرر تک تم کو مہلت دے۔ وہ بولے کہ تم تو ہمارے ہی جیسے آدمی ہو۔ تمہارا یہ منشاء ہے کہ جن چیزوں کو ہمارے بڑے پوجتے رہے ہیں ان (کے پوجنے) سے ہم کو بند کر دو تو (اچھا) کوئی کھلی دلیل لاؤ (یعنی معجزہ دکھاؤ)
سندن پيغمبر چيو ته (اوھان کي) آسمانن ۽ زمين جي بڻائيندڙ الله جي بابت ڪو شڪ آھي ڇا؟ (اُھو) اوھان کي ھن لاءِ سڏيندو آھي ته اوھان جا گناھ اوھان کي بخشي ۽ ٺھرايل مُدّت تائين اوھان کي مُھلت ڏئي، چيائون ته اوھين به رڳو اسان جھڙا ماڻھو آھيو (تنھنڪري اوھانجي چوڻ تي ڪئن لڳون)، جن کي اسان جا ابا ڏاڏا پوڄيندا ھوا تن کان اسان کي جھلڻ جو ارادو رکندا آھيو (جي سچا آھيو) ته اسان وٽ ڪو پڌرو دليل آڻيو
Their messengers said unto them: We are but mortals like you, but Allah giveth grace unto whom He will of His slaves. It is not ours to bring you a warrant unless by the permission of Allah. In Allah let believers put their trust
پیغمبروں نے ان سے کہا کہ ہاں ہم تمہارے ہی جیسے آدمی ہیں۔ لیکن خدا اپنے بندوں میں سے جس کو چاہتا ہے (نبوت کا) احسان کرتا ہے اور ہمارے اختیار کی بات نہیں کہ ہم خدا کے حکم کے بغیر تم کو (تمہاری فرمائش کے مطابق) معجزہ دکھائیں اور خدا ہی پر مومنوں کو بھروسہ رکھنا چاہیئے
سندن پيغمبر کين چيو ته اسين اوھان جھڙا ئي ماڻھو آھيون پر الله پنھنجي ٻانھن مان جنھن لاءِ گھرندو آھي تنھن تي احسان ڪندو آھي، ۽ الله جي حُڪم کانسواءِ اوھان وٽ ڪنھن دليل جي آڻڻ جي اسان کي ڪا سگھ نه آھي، ۽ مؤمنن کي جڳائي ته الله تي ڀروسو ڪن
How should we not put our trust in Allah when He hath shown us our ways? We surely will endure the hurt ye do us. In Allah let the trusting put their trust
اور ہم کیونکر خدا پر بھروسہ نہ رکھیں حالانکہ اس نے ہم کو ہمارے (دین کے سیدھے) رستے بتائے ہیں۔ جو تکلیفیں تم ہم کو دیتے ہو اس پر صبر کریں گے۔ اور اہل توکل کو خدا ہی پر بھروسہ رکھنا چاہیئے
۽ اسان کي ڇا (ٿيو) آھي ته الله تي ڀروسو نه ڪريون ۽ بيشڪ اسان کي اسانجي سِڌن رستن جي ھدايت ڪيائين، ۽ جيڪي اسان کي ڏکوئيندا آھيو تنھن تي ضرور صبر ڪنداسون، ۽ ڀروسي ڪندڙن کي الله تي ڀروسو ڪرڻ گھرجي
And those who disbelieved said unto their messengers: Verily we will drive you out from our land, unless ye return to our religion. Then their Lord inspired them, (saying): Verily we shall destroy the wrong-doers
اور جو کافر تھے انہوں نے اپنے پیغمبروں سے کہا کہ (یا تو) ہم تم کو اپنے ملک سے باہر نکال دیں گے یا ہمارے مذہب میں داخل ہو جاؤ۔ تو پروردگار نے ان کی طرف وحی بھیجی کہ ہم ظالموں کو ہلاک کر دیں گے
۽ ڪافرن پنھنجن پيغمبرن کي چيو ته اوھان کي پنھنجي مُلڪ مان ڪڍي ڇڏينداسون يا اسان جي مذھب ڏانھن ضرور موٽي اچو، پوءِ سندن پالڻھار انھن ڏانھن وحي ڪيو ته ظالمن کي ضرور ناس ڪنداسون
A similitude of those who disbelieve in their Lord: Their works are as ashes which the wind bloweth hard upon a stormy day. They have no control of aught that they have earned. That is the extreme failure
جن لوگوں نے اپنے پروردگار سے کفر کیا ان کے اعمال کی مثال راکھ کی سی ہے کہ آندھی کے دن اس پر زور کی ہوا چلے (اور) اسے اڑا لے جائے (اس طرح) جو کام وہ کرتے رہے ان پر ان کو کچھ دسترس نہ ہوگی۔ یہی تو پرلے سرے کی گمراہی ہے
جن پنھنجي پالڻھار کان انڪار ڪيو تن جي ڪرتوتن جو مثال انھيءَ ڪيريءَ جھڙو آھي جنھن کي آنڌيءَ واري ڏينھن ۾ واءُ اڏائي، جيڪي ڪمايائون تنھن جي ذري تي پُھچي نه سگھندا، اھا ئي وڏي گمراھي آھي
They all come forth unto their Lord. Then those who were despised say unto those who were scornful: We were unto you a following, can ye then avert from us aught of Allah's doom? They say: Had Allah guided us, we should have guided you. Whether we rage or patiently endure is (now) all one for us; we have no place of refuge
اور (قیامت کے دن) سب لوگ خدا کے سامنے کھڑے ہوں گے تو ضعیف (العقل متبع اپنے رؤسائے) متکبرین سے کہیں گے کہ ہم تو تمہارے پیرو تھے۔ کیا تم خدا کا کچھ عذاب ہم پر سے دفع کرسکتے ہو۔ وہ کہیں گے کہ اگر خدا ہم کو ہدایت کرتا تو ہم تم کو ہدایت کرتے۔ اب ہم گھبرائیں یا ضد کریں ہمارے حق میں برابر ہے۔ کوئی جگہ (گریز اور) رہائی کی ہمارے لیے نہیں ہے
۽ مڙيئي الله جي اڳيان حاضر ٿيندا پوءِ ھيڻا ھٺيلن کي چوندا ته اسين اوھان جي پٺيان لڳا ھئاسون پوءِ اوھين الله جي عذاب مان ڪجھ اسان کان ٽارڻ وارا آھيو ڇا؟ (ھٺيلا) چوندا ته الله اسان کي ھدايت ڪري ھا ته اسين به اوھان کي ھدايت ڪريون ھا، (ھاڻي) اسان جو رئڻ رڙڻ يا اسان جو صبر ڪرڻ اسان لاءِ ھڪ جھڙو آھي اسان کي ڪا واہ ڪانه آھي
And Satan saith, when the matter hath been decided: Lo! Allah promised you a promise of truth; and I promised you, then failed you. And I had no power over you save that I called unto you and ye obeyed me. So blame not, but blame yourselves. I cannot help you, nor can ye help me, Lo! I disbelieved in that which ye before ascribed to me. Lo! for wrong-doers is a painful doom
جب (حساب کتاب کا) کام فیصلہ ہوچکے گا تو شیطان کہے گا (جو) وعدہ خدا نے تم سے کیا تھا (وہ تو) سچا (تھا) اور (جو) وعدہ میں نے تم سے کیا تھا وہ جھوٹا تھا۔ اور میرا تم پر کسی طرح کا زور نہیں تھا۔ ہاں میں نے تم کو (گمراہی اور باطل کی طرف) بلایا تو تم نے (جلدی سے اور بےدلیل) میرا کہا مان لیا۔ تو (آج) مجھے ملامت نہ کرو۔ اپنے آپ ہی کو ملامت کرو۔ نہ میں تمہاری فریاد رسی کرسکتا ہوں اور نہ تم میری فریاد رسی کرسکتے ہو۔ میں اس بات سے انکار کرتا ہوں کہ تم پہلے مجھے شریک بناتے تھے۔ بےشک جو ظالم ہیں ان کے لیے درد دینے والا عذاب ہے
۽ جڏھن ڪم فيصل ڪيو ويندو تڏھن شيطان چوندو الله اوھان سان سچو انجام ڪيو ھو ۽ مون اوھان سان (ڪوڙو) وعدو ڪيو ھو پوءِ اوھان سان نه پاڙيم، مون کي اوھان تي اوھان جي سڏڻ کانسواءِ (ٻيو ڪو) زور نه ھو پوءِ اوھان منھنجو چيو قبول ڪيو، تنھنڪري مون کي ڦٺ جٺ نه ڪريو ۽ (ھاڻي) پاڻ کي ڦٺ جٺ ڪريو، آءٌ اوھان جي دانھن ورنائڻ وارو نه آھيان ۽ نڪي اوھين منھنجي دانھن ٻڌڻ وارا آھيو، اوھان اڳي مون کي (الله) جو شريڪ بڻايو ھو تنھن کان آءٌ بيزار آھيان، ڇوته ظالمن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي
And those who believed and did good works are made to enter Gardens underneath which rivers flow, therein abiding by permission of their Lord, their greeting therein: Peace
اور جو ایمان لائے اور عمل نیک کیے وہ بہشتوں میں داخل کیے جائیں گے جن کے نیچے نہریں بہہ رہی ہیں اپنے پروردگار کے حکم سے ہمیشہ ان میں رہیں گے۔ وہاں ان کی صاحب سلامت سلام ہوگا
۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سي (انھن) باغن ۾ داخل ڪيا ويندا جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن پنھنجي پالڻھار جي موڪل سان منجھن سدائين رھندڙ آھن، منجھس سندين کيڪار سلام آھي
Seest thou not how Allah coineth a similitude: A goodly saying, as a goodly tree, its root set firm, its branches reaching into heaven
کیا تم نے نہیں دیکھا کہ خدا نے پاک بات کی کیسی مثال بیان فرمائی ہے (وہ ایسی ہے) جیسے پاکیزہ درخت جس کی جڑ مضبوط (یعنی زمین کو پکڑے ہوئے) ہو اور شاخیں آسمان میں
(اي پيغمبر) توکي معلوم نه آھي ڇا؟ ته الله ڪھڙو مثال بيان ڪيو آھي پاڪ ڪلمون پاڪ وڻ وانگر آھي سنديس پاڙ مُحڪم آھي جنھن جون ٽاريون آسمان آھن
Allah confirmeth those who believe by a firm saying in the life of the world and in the Hereafter, and Allah sendeth wrong-doers astray. And Allah doeth what He will
خدا مومنوں (کے دلوں) کو (صحیح اور) پکی بات سے دنیا کی زندگی میں بھی مضبوط رکھتا ہے اور آخرت میں بھی (رکھے گا) اور خدا بےانصافوں کو گمراہ کر دیتا ہے اور خدا جو چاہتا ہے کرتا ہے
جن ايمان آندو تن کي الله دُنيا جي حياتيءَ ۾ ثابت قول سام مُحڪم رکندو آھي ۽ آخرت ۾ به، ۽ الله ظالمن کي ڀُلائيندو آھي، ۽ الله جيڪي گھرندو آھي سو ڪندو آھي
Tell My bondmen who believe to establish worship and spend of that which We have given them, secretly and publicly, before a day cometh wherein there will be neither traffick nor befriending
(اے پیغمبر) میرے مومن بندوں سے کہہ دو کہ نماز پڑھا کریں اور اس دن کے آنے سے پیشتر جس میں نہ (اعمال کا) سودا ہوگا اور نہ دوستی (کام آئے گی) ہمارے دیئے ہوئے مال میں سے درپردہ اور ظاہر خرچ کرتے رہیں
Allah is He Who created the heavens and the earth, and causeth water to descend from the sky, thereby producing fruits as food for you, and maketh the ships to be of service unto you, that they may run upon the sea at His command, and hath made of service unto you the rivers
خدا ہی تو ہے جس نے آسمانوں اور زمین کو پیدا کیا اور آسمان سے مینہ برسایا پھر اس سے تمہارے کھانے کے لیے پھل پیدا کئے۔ اور کشتیوں (اور جہازوں) کو تمہارے زیر فرمان کیا تاکہ دریا (اور سمندر) میں اس کے حکم سے چلیں۔ اور نہروں کو بھی تمہارے زیر فرمان کیا
الله اُھو آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي بڻايو ۽ آسمان کان (مينھن جو) پاڻي وسايو پوءِ اُن سان سڀڪنھن جنس جي ميون مان اوھان جي روزي ڪڍيائين، ۽ اوھان کي ٻيڙيون ھن لاءِ نِوائي ڏنائين ته سندس حُڪم سان سمنڊ ۾ ترنديون رھن، ۽ اوھان کي نديون (به) نوائي ڏنائين
And He giveth you of all ye ask of Him, and if ye would count the bounty of Allah ye cannot reckon it. Lo! man is verily a wrong-doer, an ingrate
اور جو کچھ تم نے مانگا سب میں سے تم کو عنایت کیا۔ اور اگر خدا کے احسان گننے لگو تو شمار نہ کرسکو۔ (مگر لوگ نعمتوں کا شکر نہیں کرتے) کچھ شک نہیں کہ انسان بڑا بےانصاف اور ناشکرا ہے
۽ جيڪا شيءِ کانئس گھريوَ تنھن سڀ مان ڪي اوھان کي ڏنائين، ۽ جيڪڏھن الله جي نعمتن کي ڳڻيندؤ ته اُھي ڳڻي نه سگھندؤ، بيشڪ ماڻھو ضرور بي انصاف بي شڪر آھي
And when Abraham said: My Lord! Make safe this territory, and preserve me and my sons from serving idols
اور جب ابراہیم نے دعا کی کہ میرے پروردگار اس شہر کو (لوگوں کے لیے) امن کی جگہ بنا دے۔ اور مجھے اور میری اولاد کو اس بات سے کہ بتوں کی پرستش کرنے لگیں بچائے رکھ
۽ (ياد ڪر) جڏھن ابراھيم چيو ته اي منھنجا پالڻھار ھن شھر (مڪي) کي امن وارو ڪر ۽ مون کي ۽ منھنجي اولاد کي بُتن جي پوڄڻ کان پاسي ڪر
My Lord! Lo! they have led many of mankind astray. But whoso followeth me, he verily is of me. And whoso disobeyeth me – Still Thou art Forgiving, Merciful
اے پروردگار انہوں نے بہت سے لوگوں کو گمراہ کیا ہے۔ سو جس شخص نے میرا کہا مانا وہ میرا ہے۔ اور جس نے میری نافرمانی کی تو تُو بخشنے والا مہربان ہے
Our Lord! Lo! I have settled some of my posterity in an uncultivable valley near unto Thy holy House, our Lord! that they may establish proper worship; so incline some hearts of men that they may yearn toward them, and provide Thou them with fruits in order that they may be thankful
اے پروردگار میں نے اپنی اولاد کو میدان (مکہ) میں جہاں کھیتی نہیں تیرے عزت (وادب) والے گھر کے پاس لابسائی ہے۔ اے پروردگار تاکہ یہ نماز پڑھیں تو لوگوں کے دلوں کو ایسا کر دے کہ ان کی طرف جھکے رہیں اور ان کو میوؤں سے روزی دے تاکہ (تیرا) شکر کریں
اي اسانجا پالڻھار مون پنھنجي اولاد مان ڪن کي غير آباد ميدان ۾ تنھنجي تعظيم واري گھر وٽ ھِن لاءِ ٽڪايو آھي ته اي اسانجا پالڻھار اُھي نماز پڙھن پوءِ ڪن ماڻھن جون دليون انھن ڏانھن لڙندڙيون ڪر ۽ کين ميون جي روزي ڏي ته مانَ اُھي شُڪرانو ڪن
Deem not that Allah is unaware of what the wicked do. He but giveth them a respite till a day when eyes will stare (in terror)
اور (مومنو) مت خیال کرنا کہ یہ ظالم جو عمل کر رہے ہیں خدا ان سے بےخبر ہے۔ وہ ان کو اس دن تک مہلت دے رہا ہے جب کہ (دہشت کے سبب) آنکھیں کھلی کی کھلی رہ جائیں گی
۽ جيڪي ظالم ڪندا آھن تنھن کان الله کي ئي بي خبرنه ڀانءِ، الله رڳو کين انھي ڏينھن تائين ڍر ڏني آھي جنھن ڏينھن اکيون ٽڙي وينديون
And warn mankind of a day when the doom will come upon them, and those who did wrong will say: Our Lord! Reprieve us for a little while. We will obey Thy call and will follow the messengers. (It will be answered): Did ye not swear before that there would be no end for you
اور لوگوں کو اس دن سے آگاہ کردو جب ان پر عذاب آجائے گا تب ظالم لوگ کہیں گے کہ اے ہمارے پروردگار ہمیں تھوڑی سی مدت مہلت عطا کر۔ تاکہ تیری دعوت (توحید) قبول کریں اور (تیرے) پیغمبروں کے پیچھے چلیں (تو جواب ملے گا) کیا تم پہلے قسمیں نہیں کھایا کرتے تھے کہ تم کو (اس حال سے جس میں تم ہو) زوال (اور قیامت کو حساب اعمال) نہیں ہوگا
۽ (اي پيغمبر) ماڻھن کي اُن ڏينھن کان ڊيڄار (جنھن ڏينھن) کين عذاب پھچندو پوءِ ظالم چوندا ته اي اسان جا پالڻھار اسان کي ويجھي مُدّت توڻي مُھلت ڏي ته تنھنجي سڏڻ کي قبول ڪريون ۽ پيغمبرن جي فرمانبرداري ڪريون، (چيو ويندن ته) ھن کان اڳ اوھين قسم نه کڻندا ھيؤ ڇا ته اوھان کي ڪو زوال نه ٿيندو؟
And (have ye not) dwelt in the dwellings of those who wronged themselves (of old) and (hath it not) become plain to you how We dealt with them and made examples for you
اور جو لوگ اپنے آپ پر ظلم کرتے تھے تم ان کے مکانوں میں رہتے تھے اور تم پر ظاہر ہوچکا تھا کہ ہم نے ان لوگوں کے ساتھ کس طرح (کا معاملہ) کیا تھا اور تمہارے (سمجھانے) کے لیے مثالیں بیان کر دی تھیں
۽ اوھين انھن جي جاين ۾ ٽڪيؤ جن پاڻ تي ظلم ڪيو ۽ اوھان کي پڌرو ٿيو ته انھن سان ڪئن ڪيوسون ۽ اوھان کي ڪيئي مثال بيان ڪياسون
On the day when the earth will be changed to other than the earth, and the heavens (also will be changed) and they will come forth unto Allah, the One, the Almighty
جس دن یہ زمین دوسری زمین سے بدل دی جائے گی اور آسمان بھی (بدل دیئے جائیں گے) اور سب لوگ خدائے یگانہ وزبردست کے سامنے نکل کھڑے ہوں گے
This is a clear message for mankind in order that they may be warned thereby, and that they may know that He is only One Allah, and that men of understanding may take heed
یہ قرآن لوگوں کے نام (خدا کا پیغام) ہے تاکہ ان کو اس سے ڈرایا جائے اور تاکہ وہ جان لیں کہ وہی اکیلا معبود ہے اور تاکہ اہل عقل نصیحت پکڑیں
اِھو (قرآن) ماڻھن کي پھچائڻو آھي ته اُن سان ڊيڄاريا وڃن ۽ ڄاڻن ته انھي ھڪ الله کانسواءِ ٻيو ڪو معبود نه آھي ۽ ڌِيان وارا نصيحت وٺن
English translation: Marmaduke Pickthall.Urdu translation: Fateh Muhammad Jalandhry.Sindhi translation: Taj Mehmood Amroti.Arabic: Uthmani Hafs, King Fahd Glorious Quran Printing Complex.