قَدۡ أَفۡلَحَ ٱلۡمُؤۡمِنُونَ
Successful indeed are the believers
بےشک ایمان والے رستگار ہوگئے
بيشڪ اُھي مؤمن ڇٽا
Surah 23
سُوْرَةُ الْمُؤْمِنُوْنَ
بِسۡمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحۡمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ
قَدۡ أَفۡلَحَ ٱلۡمُؤۡمِنُونَ
Successful indeed are the believers
بےشک ایمان والے رستگار ہوگئے
بيشڪ اُھي مؤمن ڇٽا
ٱلَّذِينَ هُمۡ فِي صَلَاتِهِمۡ خَٰشِعُونَ
Who are humble in their prayers
جو نماز میں عجزو نیاز کرتے ہیں
جيڪي پنھنجي نماز ۾ عاجزي ڪندڙ آھن
وَٱلَّذِينَ هُمۡ عَنِ ٱللَّغۡوِ مُعۡرِضُونَ
And who shun vain conversation
اور جو بیہودہ باتوں سے منہ موڑے رہتے ہیں
۽ جيڪي اجائي ڳالھ کان منھن موڙيندڙ آھن
وَٱلَّذِينَ هُمۡ لِلزَّكَوٰةِ فَٰعِلُونَ
And who are payers of the poor-due
اور جو زکوٰة ادا کرتے ہیں
۽ جي زڪوٰة ادا ڪندڙ آھن
وَٱلَّذِينَ هُمۡ لِفُرُوجِهِمۡ حَٰفِظُونَ
And who guard their modesty
اور جو اپنی شرمگاہوں کی حفاظت کرتے ہیں
۽ جي پنھنجين اُگھڙن کي (زنا کان) بچائيندڙ آھن
إِلَّا عَلَىٰٓ أَزۡوَٰجِهِمۡ أَوۡ مَا مَلَكَتۡ أَيۡمَٰنُهُمۡ فَإِنَّهُمۡ غَيۡرُ مَلُومِينَ
Save from their wives or the (slaves) that their right hands possess, for then they are not blameworthy
مگر اپنی بیویوں سے یا (کنیزوں سے) جو ان کی مِلک ہوتی ہیں کہ (ان سے) مباشرت کرنے سے انہیں ملامت نہیں
رڳو پنھنجين زالن يا پنھنجين ٻانھين سا (گڏ ٿيندا آھن) پوءِ بيشڪ اُھي ملامت ڪيل نه آھن
فَمَنِ ٱبۡتَغَىٰ وَرَآءَ ذَٰلِكَ فَأُوْلَٰٓئِكَ هُمُ ٱلۡعَادُونَ
But whoso craveth beyond that, such are transgressors
اور جو ان کے سوا اوروں کے طالب ہوں وہ (خدا کی مقرر کی ہوئی حد سے) نکل جانے والے ہیں
پوءِ جيڪي اُنھن (پنھنجين زالن يا پنھنجين ٻانھين) کانسواءِ طلبيندا سي ئي حد کان لنگھندڙ آھن
وَٱلَّذِينَ هُمۡ لِأَمَٰنَٰتِهِمۡ وَعَهۡدِهِمۡ رَٰعُونَ
And who are shepherds of their pledge and their covenant
اور جو امانتوں اور اقراروں کو ملحوظ رکھتے ہیں
۽ جيڪي پنھنجين امانتن کي ۽ پنھنجي انجام کي سنڀاليندڙ آھن
وَٱلَّذِينَ هُمۡ عَلَىٰ صَلَوَٰتِهِمۡ يُحَافِظُونَ
And who pay heed to their prayers
اور جو نمازوں کی پابندی کرتے ہیں
۽ جيڪي پنھنجين نمازن جي نگاھ رکندا آھن
أُوْلَٰٓئِكَ هُمُ ٱلۡوَٰرِثُونَ
These are the heirs
یہ ہی لوگ میراث حاصل کرنے والے ہیں
اِھي ئي اُھي وارث آھن
ٱلَّذِينَ يَرِثُونَ ٱلۡفِرۡدَوۡسَ هُمۡ فِيهَا خَٰلِدُونَ
Who will inherit paradise. There they will abide
(یعنی) جو بہشت کی میراث حاصل کریں گے۔ اور اس میں ہمیشہ رہیں گے
جيڪي نيٺ بھشت جا وارث ٿيندا، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن
وَلَقَدۡ خَلَقۡنَا ٱلۡإِنسَٰنَ مِن سُلَٰلَةࣲ مِّن طِينࣲ
Verily We created man from a product of wet earth
اور ہم نے انسان کو مٹی کے خلاصے سے پیدا کیا ہے
۽ بيشڪ ماڻھوءَ کي مٽيءَ جي ست مان بڻايوسون
ثُمَّ جَعَلۡنَٰهُ نُطۡفَةࣰ فِي قَرَارࣲ مَّكِينࣲ
Then placed him as a drop (of seed) in a safe lodging
پھر اس کو ایک مضبوط (اور محفوظ) جگہ میں نطفہ بنا کر رکھا
وري اُن کي نطفو ڪري مُحڪم جاءِ ۾ رکيوسون
ثُمَّ خَلَقۡنَا ٱلنُّطۡفَةَ عَلَقَةࣰ فَخَلَقۡنَا ٱلۡعَلَقَةَ مُضۡغَةࣰ فَخَلَقۡنَا ٱلۡمُضۡغَةَ عِظَٰمࣰ ا فَكَسَوۡنَا ٱلۡعِظَٰمَ لَحۡمࣰ ا ثُمَّ أَنشَأۡنَٰهُ خَلۡقًا ءَاخَرَۚ فَتَبَارَكَ ٱللَّهُ أَحۡسَنُ ٱلۡخَٰلِقِينَ
Then fashioned We the drop a clot, then fashioned We the clot a little lump, then fashioned We the little lump bones, then clothed the bones with flesh, and then produced it as another creation. So blessed be Allah, the Best of creators
پھر نطفے کا لوتھڑا بنایا۔ پھر لوتھڑے کی بوٹی بنائی پھر بوٹی کی ہڈیاں بنائیں پھر ہڈیوں پر گوشت (پوست) چڑھایا۔ پھر اس کو نئی صورت میں بنا دیا۔ تو خدا جو سب سے بہتر بنانے والا بڑا بابرکت ہے
وري (اُن) نُطفي کي رت جو دڳ بڻايوسون وري (اُن) رت جي دڳ کي ٻوٽي بڻايوسون وري (اُن) ٻوٽي کي ھڏا بڻايوسون پوءِ (اُنھن) ھڏن کي گوشت پھرايوسون، وري اُن کي ٻي (نئين) بڻاوت بڻائي سون، پوءِ الله (وڏيءَ) برڪت وارو (سڀ کان) ڏاڍو چڱو خلقيندڙ آھي
ثُمَّ إِنَّكُم بَعۡدَ ذَٰلِكَ لَمَيِّتُونَ
Then lo! after that ye surely die
پھر اس کے بعد تم مرجاتے ہو
وري بيشڪ اوھين ان کانپوءِ ضرور مرندؤ
ثُمَّ إِنَّكُمۡ يَوۡمَ ٱلۡقِيَٰمَةِ تُبۡعَثُونَ
Then lo! on the Day of Resurrection ye are raised (again)
پھر قیامت کے روز اُٹھا کھڑے کئے جاؤ گے
وري بيشڪ اوھين قيامت جي ڏينھن اُٿاربؤ
وَلَقَدۡ خَلَقۡنَا فَوۡقَكُمۡ سَبۡعَ طَرَآئِقَ وَمَا كُنَّا عَنِ ٱلۡخَلۡقِ غَٰفِلِينَ
And We have created above you seven paths, and We are never unmindful of creation
اور ہم نے تمہارے اوپر (کی جانب) سات آسمان پیدا کئے۔ اور ہم خلقت سے غافل نہیں ہیں
۽ بيشڪ اوھان جي مٿان ست آسمان بڻاياسون، ۽ بڻائڻ کان بي خبر نه ھواسون
وَأَنزَلۡنَا مِنَ ٱلسَّمَآءِ مَآءَۢ بِقَدَرࣲ فَأَسۡكَنَّٰهُ فِي ٱلۡأَرۡضِۖ وَإِنَّا عَلَىٰ ذَهَابِۭ بِهِۦ لَقَٰدِرُونَ
And we send down from the sky water in measure, and We give it lodging in the earth, and lo! We are Able to withdraw it
اور ہم ہی نے آسمان سے ایک اندازے کے ساتھ پانی نازل کیا۔ پھر اس کو زمین میں ٹھہرا دیا اور ہم اس کے نابود کردینے پر بھی قادر ہیں
۽ آسمان کان پاڻي اندازي سان وسايوسون پوءِ اُن کي زمين ۾ رھايوسون، بيشڪ اسين اُن جي ورائي نيڻ تي وس وارا آھيون
فَأَنشَأۡنَا لَكُم بِهِۦ جَنَّٰتࣲ مِّن نَّخِيلࣲ وَأَعۡنَٰبࣲ لَّكُمۡ فِيهَا فَوَٰكِهُ كَثِيرَةࣱ وَمِنۡهَا تَأۡكُلُونَ
Then We produce for you therewith gardens of date-palms and grapes, wherein is much fruit for you and whereof ye eat
پھر ہم نے اس سے تمہارے لئے کھجوروں اور انگوروں کے باغ بنائے، ان میں تمہارے لئے بہت سے میوے پیدا ہوتے ہیں۔ اور ان میں سے تم کھاتے بھی ہو
پوءِ اُن سان کجين ۽ ڊاکن جا باغ اوھان لاءِ ڄماياسون، اوھان لاءِ انھن باغن ۾ گھڻا ميوا آھن ۽ انھن مان ڪي اوھان کائيندا آھيو
وَشَجَرَةࣰ تَخۡرُجُ مِن طُورِ سَيۡنَآءَ تَنۢبُتُ بِٱلدُّهۡنِ وَصِبۡغࣲ لِّلۡأٓكِلِينَ
And a tree that springeth forth from Mount Sinai that groweth oil and relish for the eaters
اور وہ درخت بھی (ہم ہی نے پیدا کیا) جو طور سینا میں پیدا ہوتا ہے (یعنی زیتون کا درخت کہ) کھانے کے لئے روغن اور سالن لئے ہوئے اُگتا ہے
۽ اھُو (زيتون جو) وڻ (پيدا ڪيوسون) جو طُور سَينا مان نڪرندو آھي (اھڙي طرح) ڄمندو آھي جو تيل ۽ کائڻ وارن لاءِ ٻوڙ پيدا ٿيندو آھي
وَإِنَّ لَكُمۡ فِي ٱلۡأَنۡعَٰمِ لَعِبۡرَةࣰۖ نُّسۡقِيكُم مِّمَّا فِي بُطُونِهَا وَلَكُمۡ فِيهَا مَنَٰفِعُ كَثِيرَةࣱ وَمِنۡهَا تَأۡكُلُونَ
And lo! in the cattle there is verily a lesson for you. We give you to drink of that which is in their bellies, and many uses have ye in them, and of them do ye eat
اور تمہارے لئے چارپایوں میں بھی عبرت (اور نشانی) ہے کہ ان کے پیٹوں میں ہے اس سے ہم تمہیں (دودھ) پلاتے ہیں اور تمہارے لئے ان میں اور بھی بہت سے فائدے ہیں اور بعض کو تم کھاتے بھی ہو
۽ بيشڪ اوھان لاءِ ڍورن ۾ (به) عبرت آھي، (جو) جيڪي سندن پيٽن (يعني اوھن) ۾ آھي تنھن مان اوھان کي (کير) پياريندا آھيون ۽ اوھان لاءِ منجھن (ٻيا به) گھڻا فائدا آھن ۽ منجھائن ڪي کائيندا (به) آھيو
وَعَلَيۡهَا وَعَلَى ٱلۡفُلۡكِ تُحۡمَلُونَ
And on them and on the ship ye are carried
اور ان پر اور کشتیوں پر تم سوار ہوتے ہو
۽ انھن تي ۽ ٻيڙين تي اوھان کي سوار ڪبو آھي
وَلَقَدۡ أَرۡسَلۡنَا نُوحًا إِلَىٰ قَوۡمِهِۦ فَقَالَ يَٰقَوۡمِ ٱعۡبُدُواْ ٱللَّهَ مَا لَكُم مِّنۡ إِلَٰهٍ غَيۡرُهُۥٓۚ أَفَلَا تَتَّقُونَ
And We verily sent Noah unto his folk, and he said: O my people! Serve Allah. Ye have no other Allah save Him. Will ye not ward off (evil)
اور ہم نے نوح کو ان کی قوم کی طرف بھیجا تو انہوں نے ان سے کہا کہ اے قوم! خدا ہی کی عبادت کرو اس کے سوا تمہارا کوئی معبود نہیں، کیا تم ڈرتے نہیں
۽ بيشڪ نوح کي سندس قوم ڏانھن موڪليوسون پوءِ چيائين ته اي منھنجي قوم الله جي عبادت ڪريو اُن کانسواءِ اوھان جو ڪو معبود نه آھي، پوءِ ڇونه ڊڄندا آھيو؟
فَقَالَ ٱلۡمَلَؤُاْ ٱلَّذِينَ كَفَرُواْ مِن قَوۡمِهِۦ مَا هَٰذَآ إِلَّا بَشَرࣱ مِّثۡلُكُمۡ يُرِيدُ أَن يَتَفَضَّلَ عَلَيۡكُمۡ وَلَوۡ شَآءَ ٱللَّهُ لَأَنزَلَ مَلَٰٓئِكَةࣰ مَّا سَمِعۡنَا بِهَٰذَا فِيٓ ءَابَآئِنَا ٱلۡأَوَّلِينَ
But the chieftains of his folk, who disbelieved, said: This is only a mortal like you who would make himself superior to you. Had Allah willed, He surely could have sent down angels. We heard not of this in the case of our fathers of old
تو ان کی قوم کے سردار جو کافر تھے کہنے لگے کہ یہ تو تم ہی جیسا آدمی ہے۔ تم پر بڑائی حاصل کرنی چاہتا ہے۔ اور اگر خدا چاہتا تو فرشتے اُتار دیتا۔ ہم نے اپنے اگلے باپ دادا میں تو یہ بات کبھی سنی نہیں تھی
پوءِ سندس قوم مان جيڪي سردار ڪافر ھوا تن چيو ته ھي رڳو اوھان جھڙو ماڻھو آھي اوھان تي سرادري (حاصل) ڪرڻ گھرندو آھي، ۽ جيڪڏھن الله گھري ھا ته ملائڪن کي موڪلي ھا، اِھا (ڳالھ ته) پنھنجن ابن ڏاڏن ۾ نه ٻڌيسون
إِنۡ هُوَ إِلَّا رَجُلُۢ بِهِۦ جِنَّةࣱ فَتَرَبَّصُواْ بِهِۦ حَتَّىٰ حِينࣲ
He is only a man in whom is a madness, so watch him for a while
اس آدمی کو تو دیوانگی (کا عارضہ) ہے تو اس کے بارے میں کچھ مدت انتظار کرو
اِھو ته رڳو ھڪڙو ديوانو شخص آھي تنھنڪري اُن لاءِ ھڪ وقت تائين ترسو
قَالَ رَبِّ ٱنصُرۡنِي بِمَا كَذَّبُونِ
He said: My Lord! Help me because they deny me
نوح نے کہا کہ پروردگار انہوں نے مجھے جھٹلایا ہے تو میری مدد کر
(نوح) چيو اي منھنجا پالڻھار مون کي مدد ڏي انھيءَ ڪري جو مون کي ڪوڙو ڀانيائون
فَأَوۡحَيۡنَآ إِلَيۡهِ أَنِ ٱصۡنَعِ ٱلۡفُلۡكَ بِأَعۡيُنِنَا وَوَحۡيِنَا فَإِذَا جَآءَ أَمۡرُنَا وَفَارَ ٱلتَّنُّورُ فَٱسۡلُكۡ فِيهَا مِن كُلࣲّ زَوۡجَيۡنِ ٱثۡنَيۡنِ وَأَهۡلَكَ إِلَّا مَن سَبَقَ عَلَيۡهِ ٱلۡقَوۡلُ مِنۡهُمۡۖ وَلَا تُخَٰطِبۡنِي فِي ٱلَّذِينَ ظَلَمُوٓاْ إِنَّهُم مُّغۡرَقُونَ
Then We inspired in him, saying: Make the ship under Our eyes and Our inspiration. Then, when Our command cometh and the oven gusheth water, introduce therein of every (kind) two spouses, and thy household save him thereof against whom the Word hath already gone forth. And plead not with Me on behalf of those who have done wrong. Lo! they will be drowned
پس ہم نے ان کی طرف وحی بھیجی کہ ہمارے سامنے اور ہمارے حکم سے ایک کشتی بناؤ۔ پھر جب ہمارا حکم آ پہنچے اور تنور (پانی سے بھر کر) جوش مارنے لگے تو سب (قسم کے حیوانات) میں جوڑا جوڑا (یعنی نر اور مادہ) دو دو کشتی میں بٹھا دو اور اپنے گھر والوں کو بھی، سو ان کے جن کی نسبت ان میں سے (ہلاک ہونے کا) حکم پہلے صادر ہوچکا ہے۔ اور ظالموں کے بارے میں ہم سے کچھ نہ کہنا، وہ ضرور ڈبو دیئے جائیں گے
پوءِ ڏانھنس وحي ڪيوسون ته اسان جي اکين آڏو ۽ اسان جي حُڪم سان ٻيڙي ٺاھ پوءِ جڏھن اسان جو حُڪم اچي ۽ تنور اُڀامي تڏھن سڀڪنھن جوڙي مان ٻه ٻه (نر ۽ مادي) ۽ پنھنجي گھر وارا منجھس چاڙھ پر منجھائن جن بابت (ھلاڪ ٿيڻ جو) حُڪم ٿي چڪو (سي نه چاڙھ)، ۽ ظالمن بابت مون کي نه چؤ، ڇوته اُھي ٻُڏل آھن
فَإِذَا ٱسۡتَوَيۡتَ أَنتَ وَمَن مَّعَكَ عَلَى ٱلۡفُلۡكِ فَقُلِ ٱلۡحَمۡدُ لِلَّهِ ٱلَّذِي نَجَّىٰنَا مِنَ ٱلۡقَوۡمِ ٱلظَّٰلِمِينَ
And when thou art on board the ship, thou and whoso is with thee, then say: Praise be to Allah Who hath saved us from the wrongdoing folk
اور جب تم اور تمہارے ساتھی کشتی میں بیٹھ جاؤ تو (خدا کا شکر کرنا اور) کہنا کہ سب تعریف خدا ہی کو (سزاوار) ہے۔ جس نے ہم کو نجات بخشی ظالم لوگوں سے
پوءِ جڏھن ٻيڙيءَ تي تون چڙھي وِھين ۽ تنھنجا سنگتي (به وِھن) تڏھن چؤ ته سڀ ساراھ اُنھيءَ الله کي جڳائي جنھن ظالمن جي قوم کان اسان کي بچايو
وَقُل رَّبِّ أَنزِلۡنِي مُنزَلࣰ ا مُّبَارَكࣰ ا وَأَنتَ خَيۡرُ ٱلۡمُنزِلِينَ
And say: My Lord! Cause me to land at a blessed landing-place, for Thou art Best of all who bring to land
اور (یہ بھی) دعا کرنا کہ اے پروردگار ہم کو مبارک جگہ اُتاریو اور تو سب سے بہتر اُتارنے والا ہے
۽ چؤ ته اي منھنجا پالڻھار مون کي برڪت واري ھنڌ لاھ ۽ تون (سڀ کان) چڱو لاھيندڙ آھين
إِنَّ فِي ذَٰلِكَ لَأٓيَٰتࣲ وَإِن كُنَّا لَمُبۡتَلِينَ
Lo! herein verily are portents, for lo! We are ever putting (mankind) to the test
بےشک اس (قصے) میں نشانیاں ہیں اور ہمیں تو آزمائش کرنی تھی
بيشڪ ھن (قِصّي) ۾ نشانيون آھن ۽ بيشڪ اسين پرکڻ وارا ھواسون
ثُمَّ أَنشَأۡنَا مِنۢ بَعۡدِهِمۡ قَرۡنًا ءَاخَرِينَ
Then, after them, We brought forth another generation
پھر ان کے بعد ہم نے ایک اور جماعت پیدا کی
وري کانئن پوءِ ٻيو جُڳ پيدا ڪنداسون
فَأَرۡسَلۡنَا فِيهِمۡ رَسُولࣰ ا مِّنۡهُمۡ أَنِ ٱعۡبُدُواْ ٱللَّهَ مَا لَكُم مِّنۡ إِلَٰهٍ غَيۡرُهُۥٓۚ أَفَلَا تَتَّقُونَ
And we sent among them a messenger of their own, saying: Serve Allah, Ye have no other Allah save Him. Will ye not ward off (evil)
اور ان ہی میں سے ان میں ایک پیغمبر بھیجا (جس نے ان سے کہا) کہ خدا ہی کی عبادت کرو (کہ) اس کے سوا تمہارا کوئی معبود نہیں، تو کیا تم ڈرتے نہیں
پوءِ منجھن ھڪ پيغمبر اُنھن (جي قبيلي) مان موڪليوسون (تنھن چين) ته الله جي عبادت ڪريو اُن کانسواءِ اوھانجو ڪو معبود نه آھي، پوءِ ڇونه ڊڄندا آھيو؟
وَقَالَ ٱلۡمَلَأُ مِن قَوۡمِهِ ٱلَّذِينَ كَفَرُواْ وَكَذَّبُواْ بِلِقَآءِ ٱلۡأٓخِرَةِ وَأَتۡرَفۡنَٰهُمۡ فِي ٱلۡحَيَوٰةِ ٱلدُّنۡيَا مَا هَٰذَآ إِلَّا بَشَرࣱ مِّثۡلُكُمۡ يَأۡكُلُ مِمَّا تَأۡكُلُونَ مِنۡهُ وَيَشۡرَبُ مِمَّا تَشۡرَبُونَ
And the chieftains of his folk, who disbelieved and denied the meeting of the Hereafter, and whom We had made soft in the life of the world, said: This is only a mortal like you, who eateth of that whereof ye eat and drinketh of that ye drink
تو ان کی قوم کے سردار جو کافر تھے اور آخرت کے آنے کو جھوٹ سمجھتے تھے اور دنیا کی زندگی میں ہم نے ان کو آسودگی دے رکھی تھی۔ کہنے لگے کہ یہ تو تم ہی جیسا آدمی ہے، جس قسم کا کھانا تم کھاتے ہو، اسی طرح کا یہ بھی کھاتا ہے اور جو پانی تم پیتے ہو اسی قسم کا یہ بھی پیتا ہے
۽ سندس قوم مان جن سردارن ڪفر ڪيو ۽ آخرت جي ملڻ کي ڪوڙ ڀانيو ۽ کين دنيا جي حياتيءَ ۾ آسودو به ڪيو ھوسون تن چيو ته ھيءُ (پيغمبر) رڳو اوھان جھڙو ماڻھو آھي (جو) جنھن (قسم) منجھان (اوھين) کائيندا آھيو تنھن مان (اُھو به) کائيندو آھي ۽ جنھن (قسم) منجھان اوھين پيئندا آھيو تنھن مان (اُھو به) پيئندو آھي
وَلَئِنۡ أَطَعۡتُم بَشَرࣰ ا مِّثۡلَكُمۡ إِنَّكُمۡ إِذࣰ ا لَّخَٰسِرُونَ
If ye were to obey a mortal like yourselves, then, lo! ye surely would be losers
اور اگر تم اپنے ہی جیسے آدمی کا کہا مان لیا تو گھاٹے میں پڑ گئے
۽ جيڪڏھن پاڻ جھڙي ماڻھوءَ جو چيو مڃيندؤ ته اوھين ان مھل ڇيئي وارا ٿيندؤ
أَيَعِدُكُمۡ أَنَّكُمۡ إِذَا مِتُّمۡ وَكُنتُمۡ تُرَابࣰ ا وَعِظَٰمًا أَنَّكُم مُّخۡرَجُونَ
Doth he promise you that you, when ye are dead and have become dust and bones, will (again) be brought forth
کیا یہ تم سے یہ کہتا ہے کہ جب تم مر جاؤ گے اور مٹی ہو جاؤ گے اور استخوان (کے سوا کچھ نہ رہے گا) تو تم (زمین سے) نکالے جاؤ گے
اوھان سان انجام ڪندو آھي ڇا ته جڏھن (اوھين) مرندؤ ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿيندؤ (تڏھن) اوھين ٻاھر ڪڍبؤ؟
۞هَيۡهَاتَ هَيۡهَاتَ لِمَا تُوعَدُونَ
Begone, begone, with that which ye are promised
جس بات کا تم سے وعدہ کیا جاتا ہے (بہت) بعید اور (بہت) بعید ہے
جنھن جو اوھان کي انجام ڏجي ٿو سو (ٻڌڻ ۽ چوڻ کان) پري (بلڪل) پري آھي
إِنۡ هِيَ إِلَّا حَيَاتُنَا ٱلدُّنۡيَا نَمُوتُ وَنَحۡيَا وَمَا نَحۡنُ بِمَبۡعُوثِينَ
There is naught but our life of the world; we die and we live, and we shall not be raised (again)
زندگی تو یہی ہماری دنیا کی زندگی ہے کہ (اسی میں) ہم مرتے اور جیتے ہیں، اور ہم پھر نہیں اُٹھائے جائیں گے
اسان جي رڳي ھيءَ دنيا جي حياتي آھي (جنھن ۾) مرندا آھيون ۽ جيئندا آھيون ۽ اسين (وري جيئرا ٿي) اُٿڻ وارا نه آھيون
إِنۡ هُوَ إِلَّا رَجُلٌ ٱفۡتَرَىٰ عَلَى ٱللَّهِ كَذِبࣰ ا وَمَا نَحۡنُ لَهُۥ بِمُؤۡمِنِينَ
He is only a man who hath invented a lie about Allah. We are not going to put faith in him
یہ تو ایک ایسا آدمی ہے جس نے خدا پر جھوٹ افتراء کیا ہے اور ہم اس کو ماننے والے نہیں
ھيءُ رڳو ھڪ ماڻھو آھي جنھن الله تي ڪوڙ ٻڌو آھي ۽ اسين کيس (ڪڏھن) مڃڻ وارا نه آھيون
قَالَ رَبِّ ٱنصُرۡنِي بِمَا كَذَّبُونِ
He said: My Lord! Help me because they deny me
پیغمبر نے کہا کہ اے پروردگار انہوں نے مجھے جھوٹا سمجھا ہے تو میری مدد کر
(پيغمبر) چيو ته منھنجا پالڻھار مون کي مدد ڏي ھن ڪري جو مون کي ڪوڙو ڀانيائون
قَالَ عَمَّا قَلِيلࣲ لَّيُصۡبِحُنَّ نَٰدِمِينَ
He said: In a little while they surely will become repentant
فرمایا کہ یہ تھوڑے ہی عرصے میں پشیمان ہو کر رہ جائیں گے
(الله) فرمايو ته ٿوري مُدت پڄاڻا پشيمان ٿيندا
فَأَخَذَتۡهُمُ ٱلصَّيۡحَةُ بِٱلۡحَقِّ فَجَعَلۡنَٰهُمۡ غُثَآءࣰۚ فَبُعۡدࣰ ا لِّلۡقَوۡمِ ٱلظَّٰلِمِينَ
So the (Awful) Cry overtook them rightfully, and We made them like as wreckage (that a torrent hurleth). A far removal for wrongdoing folk
تو ان کو (وعدہٴ برحق کے مطابق) زور کی آواز نے آپکڑا، تو ہم نے ان کو کوڑا کرڈالا۔ پس ظالم لوگوں پر لعنت ہے
پوءِ کين سچي انجام جي ڪري ڌڪاءَ پڪڙيو پوءِ کين ڪُٽو ڪيوسون، پوءِ ظالمن جي قوم تي لعنت ھجي
ثُمَّ أَنشَأۡنَا مِنۢ بَعۡدِهِمۡ قُرُونًا ءَاخَرِينَ
Then after them We brought forth other generations
پھر ان کے بعد ہم نے اور جماعتیں پیدا کیں
وري کانئن پوءِ ٻيا جُڳ پيدا ڪياسون
مَا تَسۡبِقُ مِنۡ أُمَّةٍ أَجَلَهَا وَمَا يَسۡتَـٔۡخِرُونَ
No nation can outstrip its term, nor yet postpone it
کوئی جماعت اپنے وقت سے نہ آگے جاسکتی ہے نہ پیچھے رہ سکتی ہے
ڪائي ٽولي پنھنجي مُدت کان اڳي نه ويندي آھي ۽ نڪي (اُھي) دير ڪندا آھن
ثُمَّ أَرۡسَلۡنَا رُسُلَنَا تَتۡرَاۖ كُلَّ مَا جَآءَ أُمَّةࣰ رَّسُولُهَا كَذَّبُوهُۖ فَأَتۡبَعۡنَا بَعۡضَهُم بَعۡضࣰ ا وَجَعَلۡنَٰهُمۡ أَحَادِيثَۚ فَبُعۡدࣰ ا لِّقَوۡمࣲ لَّا يُؤۡمِنُونَ
Then We sent our messengers one after another. Whenever its messenger came unto a nation they denied him; so We caused them to follow one another (to disaster) and We made them bywords. A far removal for folk who believe not
پھر ہم نے پے درپے اپنے پیغمبر بھیجتے رہے۔ جب کسی اُمت کے پاس اس کا پیغمبر آتا تھا تو وہ اسے جھٹلاتے تھے تو ہم بھی بعض کو بعض کے پیچھے (ہلاک کرتے اور ان پر عذاب) لاتے رہے اور ان کے افسانے بناتے رہے۔ پس جو لوگ ایمان نہیں لاتے ان پر لعنت
وري لڳو لڳ پنھنجن پيغمبرن کي موڪليوسون، جڏھن ڪڏھن ڪنھن ٽوليءَ وٽ سندن پيغمبر آيو (تڏھن) کيس ڪوڙو ڄاتائون پوءِ انھن کي ھڪ ٻئي پٺيان (ناس) ڪيوسون ۽ کين (ٻـين لاءِ) آکاڻيون ڪيوسون، پوءِ نه مڃيندڙ قوم تي لعنت ھُجي
ثُمَّ أَرۡسَلۡنَا مُوسَىٰ وَأَخَاهُ هَٰرُونَ بِـَٔايَٰتِنَا وَسُلۡطَٰنࣲ مُّبِينٍ
Then We sent Moses and his brother Aaron with Our tokens and a clear warrant
پھر ہم نے موسیٰ اور ان کے بھائی ہارون کو اپنی نشانیاں اور دلیل ظاہر دے کر بھیجا
وري پنھنجين نشانين ۽ پڌريءَ حجت سان موسىٰ ۽ سندس ڀاءُ ھارون کي موڪليوسون
إِلَىٰ فِرۡعَوۡنَ وَمَلَإِيْهِۦ فَٱسۡتَكۡبَرُواْ وَكَانُواْ قَوۡمًا عَالِينَ
Unto Pharaoh and his chiefs, but they scorned (them) and they were despotic folk
(یعنی) فرعون اور اس کی جماعت کی طرف، تو انہوں نے تکبر کیا اور وہ سرکش لوگ تھے
فرعون ۽ سندس سردارن ڏانھن پوءِ انھن وڏائي ڪئي ۽ (اُھي) ھٺيلي قوم ھوا
فَقَالُوٓاْ أَنُؤۡمِنُ لِبَشَرَيۡنِ مِثۡلِنَا وَقَوۡمُهُمَا لَنَا عَٰبِدُونَ
And they said: Shall we put faith in two mortals like ourselves, and whose folk are servile unto us
کہنے لگے کہ کیا ہم ان اپنے جیسے دو آدمیوں پر ایمان لے آئیں اور اُن کو قوم کے لوگ ہمارے خدمت گار ہیں
پوءِ چيائون ته پاڻ جھڙن ٻن ماڻھن تي ايمان آڻيون ڇا؟ ۽ سندن قوم (ته) اسان جو ٻيلپو ڪندڙ آھي
فَكَذَّبُوهُمَا فَكَانُواْ مِنَ ٱلۡمُهۡلَكِينَ
So they denied them, and became of those who were destroyed
تو اُن لوگوں نے اُن کی تکذیب کی سو (آخر) ہلاک کر دیئے گئے
پوءِ انھن کي ڪوڙو ڄاتائون پوءِ ھلاڪ ڪيلن مان ٿيا
وَلَقَدۡ ءَاتَيۡنَا مُوسَى ٱلۡكِتَٰبَ لَعَلَّهُمۡ يَهۡتَدُونَ
And We verily gave Moses the Scripture, that haply they might go aright
اور ہم نے موسیٰ کو کتاب دی تھی تاکہ وہ لوگ ہدایت پائیں
۽ بيشڪ موسىٰ کي ڪتاب ڏنوسون ته مانَ اُھي سِڌو رستو لھن
وَجَعَلۡنَا ٱبۡنَ مَرۡيَمَ وَأُمَّهُۥٓ ءَايَةࣰ وَءَاوَيۡنَٰهُمَآ إِلَىٰ رَبۡوَةࣲ ذَاتِ قَرَارࣲ وَمَعِينࣲ
And We made the son of Mary and his mother a portent, and We gave them refuge on a height, a place of flocks and watersprings
اور ہم نے مریم کے بیٹے (عیسیٰ) اور ان کی ماں کو (اپنی) نشانی بنایا تھا اور ان کو ایک اونچی جگہ پر جو رہنے کے لائق تھی اور جہاں (نتھرا ہوا) پانی جاری تھا، پناہ دی تھی
۽ مريم جي پٽ کي ۽ سندس ماءُ کي ھڪ نشاني ڪئي سون ۽ انھن کي سنئين ۽ وھندڙ پاڻي واري مٿاھين زمين تي (رھڻ جي) جاءِ ڏني سون
يَٰٓأَيُّهَا ٱلرُّسُلُ كُلُواْ مِنَ ٱلطَّيِّبَٰتِ وَٱعۡمَلُواْ صَٰلِحًاۖ إِنِّي بِمَا تَعۡمَلُونَ عَلِيمࣱ
O ye messengers! Eat of the good things, and do right. Lo! I am Aware of what ye do
اے پیغمبرو! پاکیزہ چیزیں کھاؤ اور عمل نیک کرو۔ جو عمل تم کرتے ہو میں ان سے واقف ہوں
(چيوسون ته) اي پيغمبرؤ سٺين شين مان کائو ۽ چڱا ڪم ڪريو، بيشڪ جيڪي ڪندا آھيو سو آءٌ ڄاڻندڙ آھيان
وَإِنَّ هَٰذِهِۦٓ أُمَّتُكُمۡ أُمَّةࣰ وَٰحِدَةࣰ وَأَنَا۠ رَبُّكُمۡ فَٱتَّقُونِ
And lo! this your religion is one religion and I am your Lord, so keep your duty unto Me
اور یہ تمہاری جماعت (حقیقت میں) ایک ہی جماعت ہے اور میں تمہارا پروردگار ہوں تو مجھ سے ڈرو
۽ بيشڪ اوھان جو ھيءُ دين ھڪ دين آھي ۽ آءٌ اوھان جو پالڻھار آھيان تنھنڪري مون کان ڊڄو
فَتَقَطَّعُوٓاْ أَمۡرَهُم بَيۡنَهُمۡ زُبُرࣰ اۖ كُلُّ حِزۡبِۭ بِمَا لَدَيۡهِمۡ فَرِحُونَ
But they (mankind) have broken their religion among them into sects, each group rejoicing in its tenets
تو پھر آپس میں اپنے کام کو متفرق کرکے جدا جدا کردیا۔ جو چیزیں جس فرقے کے پاس ہے وہ اس سے خوش ہو رہا ہے
پوءِ (اُنھن قومن) پنھنجي ڪم کي پاڻ ۾ ذرا ذرا ڪري ڇنون، سڀڪنھن ٽوليءَ وٽ جيڪي آھي تنھن سان اُھا سرھي (رھندي) آھي
فَذَرۡهُمۡ فِي غَمۡرَتِهِمۡ حَتَّىٰ حِينٍ
So leave them in their error till a time
تو ان کو ایک مدت تک ان کی غفلت میں رہنے دو
پوءِ (اي پيغمبر) کين سندن غفلت ۾ ھڪ حد تائين ڇڏي ڏي
أَيَحۡسَبُونَ أَنَّمَا نُمِدُّهُم بِهِۦ مِن مَّالࣲ وَبَنِينَ
Think they that in the wealth and sons wherewith We provide them
کیا یہ لوگ خیال کرتے ہیں کہ ہم جو دنیا میں ان کو مال اور بیٹوں سے مدد دیتے ہیں
جنھن مال ۽ اولاد سان کين زيادتي ڏني سون تنھن کي ڀانئيندا آھن ڇا؟
نُسَارِعُ لَهُمۡ فِي ٱلۡخَيۡرَٰتِۚ بَل لَّا يَشۡعُرُونَ
We hasten unto them with good things? Nay, but they perceive not
تو (اس سے) ان کی بھلائی میں جلدی کر رہے ہیں (نہیں) بلکہ یہ سمجھتے ہی نہیں
ته ڪا انھن لاءِ چڱاين ڏيڻ ۾ تڪر ٿا ڪريون، (نه!) بلڪ نه سمجھندا آھن
إِنَّ ٱلَّذِينَ هُم مِّنۡ خَشۡيَةِ رَبِّهِم مُّشۡفِقُونَ
Lo! those who go in awe for fear of their Lord
جو اپنے پروردگار کے خوف سے ڈرتے ہیں
بيشڪ اُھي جيڪي پنھنجي پالڻھار جي ڀَوَ کان ڊڄندڙ آھن
وَٱلَّذِينَ هُم بِـَٔايَٰتِ رَبِّهِمۡ يُؤۡمِنُونَ
And those who believe in the revelations of their Lord
اور جو اپنے پروردگار کی آیتوں پر ایمان رکھتے ہیں
۽ اُھي جيڪي پنھنجي پالڻھار جي نشانين تي ايمان آڻيندا آھن
وَٱلَّذِينَ هُم بِرَبِّهِمۡ لَا يُشۡرِكُونَ
And those who ascribe not partners unto their Lord
اور جو اپنے پروردگار کے ساتھ شریک نہیں کرتے
۽ اُھي جيڪي پنھنجي پالڻھار سان شريڪ مُقرّر نه ڪندا آھن
وَٱلَّذِينَ يُؤۡتُونَ مَآ ءَاتَواْ وَّقُلُوبُهُمۡ وَجِلَةٌ أَنَّهُمۡ إِلَىٰ رَبِّهِمۡ رَٰجِعُونَ
And those who give that which they give with hearts afraid because they are about to return unto their Lord
اور جو دے سکتے ہیں دیتے ہیں اور ان کے دل اس بات سے ڈرتے رہتے ہیں کہ ان کو اپنے پروردگار کی لوٹ کر جانا ہے
۽ اُھي جيڪي (اُھي) ڏيندا آھن جيڪي (سندس واٽ ۾) ڏيندا آھن ۽ سندن دليون انھي ڪري ڏڪنديون آھن ته اُھي پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽڻ وارا آھن
أُوْلَٰٓئِكَ يُسَٰرِعُونَ فِي ٱلۡخَيۡرَٰتِ وَهُمۡ لَهَا سَٰبِقُونَ
These race for the good things, and they shall win them in the race
یہی لوگ نیکیوں میں جلدی کرے اور یہی اُن کے لئے آگے نکل جاتے ہیں
اھي (ماڻھو) چڱاين ۾ تڪڙائي ڪندا آھن ۽ اُھي اُن لاءِ اڳرائي ڪندڙ آھن
وَلَا نُكَلِّفُ نَفۡسًا إِلَّا وُسۡعَهَاۚ وَلَدَيۡنَا كِتَٰبࣱ يَنطِقُ بِٱلۡحَقِّ وَهُمۡ لَا يُظۡلَمُونَ
And we task not any soul beyond its scope, and with Us is a Record which speaketh the truth, and they will not be wronged
اور ہم کسی شخص کو اس کی طاقت سے زیادہ تکلیف نہیں دیتے اور ہمارے پاس کتاب ہے جو سچ سچ کہہ دیتی ہے اور ان لوگوں پر ظلم نہیں کیا جائے گا
۽ (اسين) ڪنھن به جيءَ تي سندس طاقت کانسواءِ تڪليف نه ٿا رکون ۽ اسان وٽ ھڪ ڪتاب آھي جو سچ ڳالھائيندو آھي ۽ انھن تي ظلم نه ڪبو
بَلۡ قُلُوبُهُمۡ فِي غَمۡرَةࣲ مِّنۡ هَٰذَا وَلَهُمۡ أَعۡمَٰلࣱ مِّن دُونِ ذَٰلِكَ هُمۡ لَهَا عَٰمِلُونَ
Nay, but their hearts are in ignorance of this (Qur'an), and they have other works, besides, which they are doing
مگر ان کے دل ان (باتوں) کی طرف سے غفلت میں (پڑے ہوئے) ہیں، اور ان کے سوا اور اعمال بھی ہیں جو یہ کرتے رہتے ہیں
بلڪ سندن دليون انھن (ڳالھين) کان غفلت ۾ آھن ۽ ھن کانسواءِ انھن جا ٻيا ڪرتوت به آھن جي اُھي ڪندا آھن
حَتَّىٰٓ إِذَآ أَخَذۡنَا مُتۡرَفِيهِم بِٱلۡعَذَابِ إِذَا هُمۡ يَجۡـَٔرُونَ
Till when We grasp their luxurious ones with the punishment, behold! they supplicate
یہاں تک کہ جب ہم نے ان میں سے آسودہ حال لوگوں کو پکڑ لیا تو وہ اس وقت چلاّئیں گے
تان جو منجھائن آسودن (ماڻھن) کي جڏھن عذاب سان پڪڙيوسون تڏھن دانھون ڪندا رھيا
لَا تَجۡـَٔرُواْ ٱلۡيَوۡمَۖ إِنَّكُم مِّنَّا لَا تُنصَرُونَ
Supplicate not this day! Assuredly ye will not be helped by Us
آج مت چلاّؤ! تم کو ہم سے کچھ مدد نہیں ملے گی
(چيوسون) ته اڄ دانھون نه ڪريو، ڇوته اسان کان اوھان کي مدد نه ملندي
قَدۡ كَانَتۡ ءَايَٰتِي تُتۡلَىٰ عَلَيۡكُمۡ فَكُنتُمۡ عَلَىٰٓ أَعۡقَٰبِكُمۡ تَنكِصُونَ
My revelations were recited unto you, but ye used to turn back on your heels
میری آیتیں تم کو پڑھ پڑھ کر سنائی جاتی تھیں اور تم الٹے پاؤں پھر پھر جاتے تھے
بيشڪ اوھان کي منھنجيون آيتون پڙھي ٻڌائبيون ھيون تڏھن اوھين پنھنجين کڙين (ڀرپوءِ) تي ڀڄندا ھُيؤ
مُسۡتَكۡبِرِينَ بِهِۦ سَٰمِرࣰ ا تَهۡجُرُونَ
In scorn thereof. Nightly did ye rave together
ان سے سرکشی کرتے، کہانیوں میں مشغول ہوتے اور بیہودہ بکواس کرتے تھے
اُن (قرآن) کان وڏائي ڪندڙ (۽) آکاڻين ۾ مشغول ٿي (کيس) ڇڏيوَ ٿي
أَفَلَمۡ يَدَّبَّرُواْ ٱلۡقَوۡلَ أَمۡ جَآءَهُم مَّا لَمۡ يَأۡتِ ءَابَآءَهُمُ ٱلۡأَوَّلِينَ
Have they not pondered the Word, or hath that come unto them which came not unto their fathers of old
کیا انہوں نے اس کلام میں غور نہیں کیا یا ان کے پاس کوئی ایسی چیز آئی ہے جو ان کے اگلے باپ دادا کے پاس نہیں تھی
ھن ڳالھ (قرآن) کي نه سوچيائون ڇا يا وٽن اھڙي شيء آئي آھي جا سندن اڳين پيءُ ڏاڏن وٽ نه آئي ھُئي؟
أَمۡ لَمۡ يَعۡرِفُواْ رَسُولَهُمۡ فَهُمۡ لَهُۥ مُنكِرُونَ
Or know they not their messenger, and so reject him
یا یہ اپنے پیغمبر کو جانتے پہنچانتے نہیں، اس وجہ سے ان کو نہیں مانتے
يا پنھنجي پيغمبر کي نه سڃاتائون ڇا تنھنڪري اُھي سندس مُنڪر (ٿيا) آھن
أَمۡ يَقُولُونَ بِهِۦ جِنَّةُۢۚ بَلۡ جَآءَهُم بِٱلۡحَقِّ وَأَكۡثَرُهُمۡ لِلۡحَقِّ كَٰرِهُونَ
Or say they: There is a madness in him? Nay, but he bringeth them the Truth; and most of them are haters of the Truth
کیا یہ کہتے ہیں کہ اسے سودا ہے (نہیں) بلکہ وہ ان کے پاس حق کو لے کر آئے ہیں اور ان میں سے اکثر حق کو ناپسند کرتے ہیں
يا چوندا آھن ته کيس چريائي آھي، (نه!) بلڪ (پيغمبر) وٽن سچي ڳالھ آندي آھي ۽ منجھائن گھڻا سچ کي بُرو ڀائيندڙ آھن
وَلَوِ ٱتَّبَعَ ٱلۡحَقُّ أَهۡوَآءَهُمۡ لَفَسَدَتِ ٱلسَّمَٰوَٰتُ وَٱلۡأَرۡضُ وَمَن فِيهِنَّۚ بَلۡ أَتَيۡنَٰهُم بِذِكۡرِهِمۡ فَهُمۡ عَن ذِكۡرِهِم مُّعۡرِضُونَ
And if the Truth had followed their desires, verily the heavens and the earth and whosoever is therein had been corrupted. Nay, We have brought them their Reminder, but from their Reminder they now turn away
اور خدائے (برحق) ان کی خواہشوں پر چلے تو آسمان اور زمین اور جو ان میں ہیں سب درہم برہم ہوجائیں۔ بلکہ ہم نے ان کے پاس ان کی نصیحت (کی کتاب) پہنچا دی ہے اور وہ اپنی (کتاب) نصیحت سے منہ پھیر رہے ہیں
۽ جيڪڏھن الله سَندن سَڌن تي ھلي ھا ته آسمان ۽ زمين ۾ جيڪي منجھن آھي سي ويران ٿين ھا، (نه!) بلڪ سندين نصيحت وٽن آندي سون ۽ اُھي پنھنجيءَ نصيحت (ڪتاب) کان مُنھن موڙيندڙ آھن
أَمۡ تَسۡـَٔلُهُمۡ خَرۡجࣰ ا فَخَرَاجُ رَبِّكَ خَيۡرࣱۖ وَهُوَ خَيۡرُ ٱلرَّٰزِقِينَ
Or dost thou ask of them (O Muhammad) any tribute? But the bounty of thy Lord is better, for He is Best of all who make provision
کیا تم ان سے (تبلیغ کے صلے میں) کچھ مال مانگتے ہو، تو تمہارا پروردگار کا مال بہت اچھا ہے اور وہ سب سے بہتر رزق دینے والا ہے
يا کائن ڪو اُجورو گھرندو آھين ڇا؟ پوءِ تنھنجي پالڻھار جو اُجورو (ڏئڻ) ڀلو آھي، ۽ اُھو چڱو روزي ڏيندڙ آھي
وَإِنَّكَ لَتَدۡعُوهُمۡ إِلَىٰ صِرَٰطࣲ مُّسۡتَقِيمࣲ
And lo! thou summonest them indeed unto a straight path
اور تم تو ان کو سیدھے راستے کی طرف بلاتے ہو
۽ بيشڪ تون سڌيءَ واٽ ڏانھن کين سڏيندو آھين
وَإِنَّ ٱلَّذِينَ لَا يُؤۡمِنُونَ بِٱلۡأٓخِرَةِ عَنِ ٱلصِّرَٰطِ لَنَٰكِبُونَ
And lo! those who believe not in the Hereafter are indeed astray from the path
اور جو لوگ آخرت پر ایمان نہیں لاتے وہ رستے سے الگ ہو رہے ہیں
۽ بيشڪ جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن سي سڌي واٽ کان پاسيرا ٿيندڙ آھن
۞وَلَوۡ رَحِمۡنَٰهُمۡ وَكَشَفۡنَا مَا بِهِم مِّن ضُرࣲّ لَّلَجُّواْ فِي طُغۡيَٰنِهِمۡ يَعۡمَهُونَ
Though We had mercy on them and relieved them of the harm afflicting them, they still would wander blindly on in their contumacy
اور اگر ہم ان پر رحم کریں اور جو تکلیفیں ان کو پہنچ رہی ہیں، وہ دور کردیں تو اپنی سرکشی پر اڑے رہیں (اور) بھٹکتے (پھریں)
۽ جيڪڏھن مٿن رحم ڪريون ھا ۽ جيڪو کين ڏک پُھتو سو لاھيون ھا ته (به) سدائين پنھنجيءَ گمراھيءَ ۾ حيران رھن ھا
وَلَقَدۡ أَخَذۡنَٰهُم بِٱلۡعَذَابِ فَمَا ٱسۡتَكَانُواْ لِرَبِّهِمۡ وَمَا يَتَضَرَّعُونَ
Already have We grasped them with punishment, but they humble not themselves unto their Lord, nor do they pray
اور ہم نے ان کو عذاب میں پکڑا تو بھی انہوں نے خدا کے آگے عاجزی نہ کی اور وہ عاجزی کرتے ہی نہیں
۽ بيشڪ کين عذاب سان پڪڙيوسون پوءِ (به) پنھنجي پالڻھار جي اڳيان نه نِوڙيا ۽ نڪي عاجزي ڪيائون
حَتَّىٰٓ إِذَا فَتَحۡنَا عَلَيۡهِم بَابࣰ ا ذَا عَذَابࣲ شَدِيدٍ إِذَا هُمۡ فِيهِ مُبۡلِسُونَ
Until, when We open for them the gate of extreme punishment, behold! they are aghast thereat
یہاں تک کہ جب ہم نے پر عذاب شدید کا دروازہ کھول دیا تو اس وقت وہاں ناامید ہوگئے
(پنھنجي غفلت ۾ رھيا) تانجو جنھن مھل مٿن سخت عذاب وارو دروازو کوليوسون (تنھن مھل) اُتي جو اُتي اُنھي ۾ نا اُميد ٿيا
وَهُوَ ٱلَّذِيٓ أَنشَأَ لَكُمُ ٱلسَّمۡعَ وَٱلۡأَبۡصَٰرَ وَٱلۡأَفۡـِٔدَةَۚ قَلِيلࣰ ا مَّا تَشۡكُرُونَ
He it is Who hath created for you ears and eyes and hearts. Small thanks give ye
اور وہی تو ہے جس نے تمہارے کان اور آنکھیں اور دل بنائے۔ (لیکن) تم کم شکرگزاری کرتے ہو
۽ (الله) اُھو آھي جنھن اوھان لاءِ ڪن ۽ اکيون ۽ دليون بڻايون، (پر اوھين تمام) ٿورو شڪر ڪندا آھيو
وَهُوَ ٱلَّذِي ذَرَأَكُمۡ فِي ٱلۡأَرۡضِ وَإِلَيۡهِ تُحۡشَرُونَ
And He it is Who hath sown you broadcast in the earth, and unto Him ye will be gathered
اور وہی تو ہے جس نے تم کو زمین میں پیدا کیا اور اسی کی طرف تم جمع ہو کر جاؤ گے
۽ (الله) اُھو آھي جنھن اوھان کي زمين ۾ پيدا ڪيو ۽ ڏانھس وري گڏ ڪيا ويندؤ
وَهُوَ ٱلَّذِي يُحۡيِۦ وَيُمِيتُ وَلَهُ ٱخۡتِلَٰفُ ٱلَّيۡلِ وَٱلنَّهَارِۚ أَفَلَا تَعۡقِلُونَ
And He it is Who giveth life and causeth death, and His is the difference of night and day. Have ye then no sense
اور وہی ہے جو زندگی بخشتا ہے اور موت دیتا ہے اور رات اور دن کا بدلتے رہنا اسی کا تصرف ہے، کیا تم سمجھتے نہیں
۽ (الله) اُھو آھي جيڪو جياري ٿو ۽ ماري ٿو ۽ رات ۽ ڏينھن جو ڦير ڦار ڪرڻ ان جو (ڪم) آھي، پوءِ نه سمجھندا آھيو ڇا؟
بَلۡ قَالُواْ مِثۡلَ مَا قَالَ ٱلۡأَوَّلُونَ
Nay, but they say the like of that which said the men of old
بات یہ ہے کہ جو بات اگلے (کافر) کہتے تھے اسی طرح کی (بات یہ) کہتے ہیں
بلڪ جئن اڳين چيو ته تئين چوندا آھن
قَالُوٓاْ أَءِذَا مِتۡنَا وَكُنَّا تُرَابࣰ ا وَعِظَٰمًا أَءِنَّا لَمَبۡعُوثُونَ
They say: When we are dead and have become (mere) dust and bones, shall we then, forsooth, be raised again
کہتے ہیں کہ جب ہم مر جائیں گے اور مٹی ہو جائیں گے اور استخوان (بوسیدہ کے سوا کچھ) نہ رہے گا تو کیا ہم پھر اٹھائے جائیں گے؟
چون ٿا ته ھان جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿينداسون (تڏھن) وري جيئل ٿي اٿنداسون ڇا؟
لَقَدۡ وُعِدۡنَا نَحۡنُ وَءَابَآؤُنَا هَٰذَا مِن قَبۡلُ إِنۡ هَٰذَآ إِلَّآ أَسَٰطِيرُ ٱلۡأَوَّلِينَ
We were already promised this, we and our forefathers. Lo! this is naught but fables of the men of old
یہ وعدہ ہم سے اور ہم سے پہلے ہمارے باپ دادا سے بھی ہوتا چلا آیا ہے (اجی) یہ تو صرف اگلے لوگوں کی کہانیاں ہیں
بيشڪ اسان کي ۽ اسان جي ابن ڏاڏن کي ھن کان اڳ انھي (ڳالھ) جو انجام ڏنو ويو آھي اھي رڳو اڳين جا قصّا آھن
قُل لِّمَنِ ٱلۡأَرۡضُ وَمَن فِيهَآ إِن كُنتُمۡ تَعۡلَمُونَ
Say: Unto Whom (belongeth) the earth and whosoever is therein, if ye have knowledge
کہو کہ اگر تم جانتے ہو تو بتاؤ کہ زمین اور جو کچھ زمین میں ہے سب کس کا مال ہے؟
چؤ ته جيڪڏھن اوھين ڄاڻندا آھيو ته زمين ۽ جيڪي منجھس آھي سو ڪنھن جو آھي؟
سَيَقُولُونَ لِلَّهِۚ قُلۡ أَفَلَا تَذَكَّرُونَ
They will say: Unto Allah. Say: Will ye not then remember
جھٹ بول اٹھیں گے کہ خدا کا۔ کہو کہ پھر تم سوچتے کیوں نہیں؟
سگھوئي چوندا ته (اُھو سڀ) الله جو آھي، چؤ ته پوءِ ڇونه نصيحت وٺندا آھيو؟
قُلۡ مَن رَّبُّ ٱلسَّمَٰوَٰتِ ٱلسَّبۡعِ وَرَبُّ ٱلۡعَرۡشِ ٱلۡعَظِيمِ
Say: Who is Lord of the seven heavens, and Lord of the Tremendous Throne
(ان سے) پوچھو کہ سات آسمانوں کا کون مالک ہے اور عرش عظیم کا (کون) مالک (ہے؟)
(اي پيغمبر کين) چؤ ته ستن آسمانن جو پالڻھار ۽ وڏي عرش جو پالڻھار ڪير آھي؟
سَيَقُولُونَ لِلَّهِۚ قُلۡ أَفَلَا تَتَّقُونَ
They will say: Unto Allah (all that belongeth). Say: Will ye not then keep duty (unto Him)
بےساختہ کہہ دیں گے کہ یہ (چیزیں) خدا ہی کی ہیں، کہو کہ پھر تم ڈرتے کیوں نہیں؟
سگھوئي چوندا ته (اھو سڀ) الله جو آھي، چؤ ته پوءِ ڇونه ڊڄندا آھيو؟
قُلۡ مَنۢ بِيَدِهِۦ مَلَكُوتُ كُلِّ شَيۡءࣲ وَهُوَ يُجِيرُ وَلَا يُجَارُ عَلَيۡهِ إِن كُنتُمۡ تَعۡلَمُونَ
Say: In Whose hand is the dominion over all things and He protecteth, while against Him there is no protection, if ye have knowledge
کہو کہ اگر تم جانتے ہو تو بتاؤ کہ وہ کون ہے جس کے ہاتھ میں ہر چیز کی بادشاہی ہے اور وہ پناہ دیتا ہے اور اس کے مقابل کوئی کسی کو پناہ نہیں دے سکتا
(کين) چؤ ته (اُھو) ڪير آھي جنھنجي ھٿ ۾ سڀڪنھن شيء جي حڪومت آھي ۽ اُھو پناھ ڏيندو آھي ۽ اُن (جي عذاب) کان ڪنھن کي پناھ نه ڏيئي سگھبي آھي جيڪڏھن ڄاڻندا آھيو (ته ڏسيو)
سَيَقُولُونَ لِلَّهِۚ قُلۡ فَأَنَّىٰ تُسۡحَرُونَ
They will say: Unto Allah (all that belongeth). Say: How then are ye bewitched
فوراً کہہ دیں گے کہ (ایسی بادشاہی تو) خدا ہی کی ہے، تو کہو پھر تم پر جادو کہاں سے پڑ جاتا ہے؟
سگھوئي چوندا ته (اھو سڀ) الله جي (ھٿ ۾) آھي، (کين) چؤ ته پوءِ اوھين ڪٿان ٺڳجو ٿا
بَلۡ أَتَيۡنَٰهُم بِٱلۡحَقِّ وَإِنَّهُمۡ لَكَٰذِبُونَ
Nay, but We have brought them the Truth, and lo! they are liars
بات یہ ہے کہ ہم نے ان کے پاس حق پہنچا دیا ہے اور جو (بت پرستی کئے جاتے ہیں) بےشک جھوٹے ہیں
بلڪ وٽن سچي (ڳالھ) آندي اٿئون ۽ بيشڪ اُھي ڪوڙا آھن
مَا ٱتَّخَذَ ٱللَّهُ مِن وَلَدࣲ وَمَا كَانَ مَعَهُۥ مِنۡ إِلَٰهٍۚ إِذࣰ ا لَّذَهَبَ كُلُّ إِلَٰهِۭ بِمَا خَلَقَ وَلَعَلَا بَعۡضُهُمۡ عَلَىٰ بَعۡضࣲۚ سُبۡحَٰنَ ٱللَّهِ عَمَّا يَصِفُونَ
Allah hath not chosen any son, nor is there any god along with Him; else would each god have assuredly championed that which he created, and some of them would assuredly have overcome others. Glorified be Allah above all that they allege
خدا نے نہ تو (اپنا) کسی کو بیٹا بنایا ہے اور نہ اس کے ساتھ کوئی معبود ہے، ایسا ہوتا تو ہر معبود اپنی اپنی مخلوقات کو لے کر چل دیتا اور ایک دوسرے پر غالب آجاتا۔ یہ لوگ جو کچھ خدا کے بارے میں بیان کرتے ہیں خدا اس سے پاک ہے
الله نڪي (پاڻ لاءِ) پٽ ڪري ورتو آھي ۽ نڪي ساڻس ڪو (ٻيو) معبود آھي (جيڪڏھن ائين ھجي ھا) ته ھر ڪو معبود پنھنجي بڻائي کي وٺيو وڃي ھا ۽ اُھي ھڪ ٻئي تي ڏاڍ ڪن ھا، (ڪافر) جيڪي بيان ڪندا آھن تنھن کان الله پاڪ آھي
عَٰلِمِ ٱلۡغَيۡبِ وَٱلشَّهَٰدَةِ فَتَعَٰلَىٰ عَمَّا يُشۡرِكُونَ
Knower of the Invisible and the Visible! and Exalted be He over all that they ascribe as partners (unto Him)
وہ پوشیدہ اور ظاہر کو جانتا ہے اور (مشرک) جو اس کے ساتھ شریک کرتے ہیں اس کی شان اس سے اونچی ہے
ڳجھ ۽ ظاھر جو ڄاڻندڙ آھي جنھن کي (اُن سان) شريڪ بڻائيندا آھن تنھن کان مٿاھون آھي
قُل رَّبِّ إِمَّا تُرِيَنِّي مَا يُوعَدُونَ
Say: My Lord! If Thou shouldst show me that which they are promised
(اے محمدﷺ) کہو کہ اے پروردگار جس عذاب کا ان (کفار) سے وعدہ ہو رہا ہے، اگر تو میری زندگی میں ان پر نازل کرکے مجھے بھی دکھادے
(اي پيغمبر) چؤ ته اي منھنجا پالڻھار جيڪو انجام ڪرين ٿو سو جيڪر مون کي ڏيکارين
رَبِّ فَلَا تَجۡعَلۡنِي فِي ٱلۡقَوۡمِ ٱلظَّٰلِمِينَ
My Lord! then set me not among the wrongdoing folk
تو اے پروردگار مجھے (اس سے محفوظ رکھیئے اور) ان ظالموں میں شامل نہ کیجیئے
اي منھنجا پالڻھار مون کي ظالمن جي قوم ۾ (داخل) نه ڪر
وَإِنَّا عَلَىٰٓ أَن نُّرِيَكَ مَا نَعِدُهُمۡ لَقَٰدِرُونَ
And verily We are Able to show thee that which We have promised them
اور جو وعدہ ہم ان سے کر رہے ہیں ہم تم کو دکھا کر ان پر نازل کرنے پر قادر ہیں
۽ جيڪو کين انجام ڏيون ٿا تنھن جي توکي ڏيکارڻ تي بيشڪ اسين وسوارا آھيون
ٱدۡفَعۡ بِٱلَّتِي هِيَ أَحۡسَنُ ٱلسَّيِّئَةَۚ نَحۡنُ أَعۡلَمُ بِمَا يَصِفُونَ
Repel evil with that which is better. We are Best Aware of that which they allege
اور بری بات کے جواب میں ایسی بات کہو جو نہایت اچھی ہو۔ اور یہ جو کچھ بیان کرتے ہیں ہمیں خوب معلوم ہے
ڏاڍي چڱيءَ عادت سان مدائي کي ٽار، (ڪافر) جيڪي بيان ڪندا آھن سو اسين وڌيڪ ڄاڻندڙ آھيون
وَقُل رَّبِّ أَعُوذُ بِكَ مِنۡ هَمَزَٰتِ ٱلشَّيَٰطِينِ
And say: My Lord! I seek refuge in Thee from suggestions of the evil ones
اور کہو کہ اے پروردگار! میں شیطانوں کے وسوسوں سے تیری پناہ مانگتا ہو
۽ (اي پيغمبر) چؤ ته اي منھنجا پالڻھار شيطانن جي وسوسن کان تنھنجي پناھ گھران ٿو
وَأَعُوذُ بِكَ رَبِّ أَن يَحۡضُرُونِ
And I seek refuge in Thee, my Lord, lest they be present with me
اور اے پروردگار! اس سے بھی تیری پناہ مانگتا ہوں کہ وہ میرے پاس آموجود ہوں
۽ اي منھنجا پالڻھار پاڻ وٽ انھن جي ويجھي ٿيڻ کان (به) تنھنجي پناھ وٺان ٿو
حَتَّىٰٓ إِذَا جَآءَ أَحَدَهُمُ ٱلۡمَوۡتُ قَالَ رَبِّ ٱرۡجِعُونِ
Until, when death cometh unto one of them, he saith: My Lord! Send me back
(یہ لوگ اسی طرح غفلت میں رہیں گے) یہاں تک کہ جب ان میں سے کسی کے پاس موت آجائے گی تو کہے گا کہ اے پروردگار! مجھے پھر (دنیا میں) واپس بھیج دے
(ڪافر پنھنجي ويسلائي ۾ ھوندا) تانجو جنھن مھل منجھانئن ڪنھن کي موت ايندو (تنھن مھل) چوندو ته اي منھنجا پالڻھار مون کي دنيا ۾ (ورائي) موٽاءِ
لَعَلِّيٓ أَعۡمَلُ صَٰلِحࣰ ا فِيمَا تَرَكۡتُۚ كَلَّآۚ إِنَّهَا كَلِمَةٌ هُوَ قَآئِلُهَاۖ وَمِن وَرَآئِهِم بَرۡزَخٌ إِلَىٰ يَوۡمِ يُبۡعَثُونَ
That I may do right in that which I have left behind! But nay! It is but a word that he speaketh; and behind them is a barrier until the day when they are raised
تاکہ میں اس میں جسے چھوڑ آیا ہوں نیک کام کیا کروں۔ ہرگز نہیں۔ یہ ایک ایسی بات ہے کہ وہ اسے زبان سے کہہ رہا ہوگا (اور اس کے ساتھ عمل نہیں ہوگا) اور اس کے پیچھے برزخ ہے (جہاں وہ) اس دن تک کہ (دوبارہ) اٹھائے جائیں گے، (رہیں گے)
ته جيڪر جيڪي (اُتي) ڇڏيم ته آءٌ چڱا عمل ڪريان ائين (ڪڏھن ٿيڻو) نه آھي، بيشڪ اِھا ڳالھ آھي جا ھو چوندڙ آھي، ۽ سندن اڳيان ھڪ پردو (عالَم قبر) انھيءَ ڏينھن تائين رھندو (جنھن ڏينھن قيامت ۾) اُٿاريا ويندا
فَإِذَا نُفِخَ فِي ٱلصُّورِ فَلَآ أَنسَابَ بَيۡنَهُمۡ يَوۡمَئِذࣲ وَلَا يَتَسَآءَلُونَ
And when the trumpet is blown there will be no kinship among them that day, nor will they ask of one another
پھر جب صور پھونکا جائے گا تو نہ تو ان میں قرابتیں ہوں گی اور نہ ایک دوسرے کو پوچھیں گے
پوءِ جنھن مھل صور ۾ ڦوڪبو (تنھن مھل) اُن ڏينھن سندن وچ ۾ نه ذاتيون رھنديون ۽ نڪي پاڻ ۾ پُڇا ڳاڇا ڪندا
فَمَن ثَقُلَتۡ مَوَٰزِينُهُۥ فَأُوْلَٰٓئِكَ هُمُ ٱلۡمُفۡلِحُونَ
Then those whose scales are heavy, they are the successful
تو جن کے (عملوں کے) بوجھ بھاری ہوں گے۔ وہ فلاح پانے والے ہیں
پوءِ جنھن (جي نيڪيءَ) جو تراڙو ڳرو ٿيو سي ئي ڇُٽل آھن
وَمَنۡ خَفَّتۡ مَوَٰزِينُهُۥ فَأُوْلَٰٓئِكَ ٱلَّذِينَ خَسِرُوٓاْ أَنفُسَهُمۡ فِي جَهَنَّمَ خَٰلِدُونَ
And those whose scales are light are those who lose their souls, in hell abiding
اور جن کے بوجھ ہلکے ہوں گے وہ لوگ ہیں جنہوں نے اپنے تئیں خسارے میں ڈالا، ہمیشہ دوزخ میں رہیں گے
۽ جنھن جو تراڙو ھلڪو ٿيو سي اُھي آھن جن پاڻ کي ڇيئو لاتو (اُھي) دوزخ ۾ سدائين رھندڙ آھن
تَلۡفَحُ وُجُوهَهُمُ ٱلنَّارُ وَهُمۡ فِيهَا كَٰلِحُونَ
The fire burneth their faces, and they are glum therein
آگ ان کے مونہوں کو جھلس دے گی اور وہ اس میں تیوری چڑھائے ہوں گے
سندن مُنھن کي باھ ساڙيندي ۽ اُھي منجھس بد شڪلا ٿيندا
أَلَمۡ تَكُنۡ ءَايَٰتِي تُتۡلَىٰ عَلَيۡكُمۡ فَكُنتُم بِهَا تُكَذِّبُونَ
(It will be said): Were not My revelations recited unto you, and then ye used to deny them
کیا تم کو میری آیتیں پڑھ کر نہیں سنائی جاتیں تھیں (نہیں) تم ان کو سنتے تھے (اور) جھٹلاتے تھے
(چيو ويندن ته) منھنجون آيتون اوھان کي نه پڙھي ٻڌائبيون ھيون ڇا؟ پوءِ اوھين انھن کي ڪوڙو ڀائيندا ھيؤ؟
قَالُواْ رَبَّنَا غَلَبَتۡ عَلَيۡنَا شِقۡوَتُنَا وَكُنَّا قَوۡمࣰ ا ضَآلِّينَ
They will say: Our Lord! Our evil fortune conquered us, and we were erring folk
اے ہمارے پروردگار! ہم پر ہماری کم بختی غالب ہوگئی اور ہم رستے سے بھٹک گئے
چوندا ته اي اسان جا پالڻھار اسان جي بدبختي اسان تي غالب ٿي وئي ۽ گمراھ قوم ھياسون
رَبَّنَآ أَخۡرِجۡنَا مِنۡهَا فَإِنۡ عُدۡنَا فَإِنَّا ظَٰلِمُونَ
Our Lord! Oh, bring us forth from hence! If we return (to evil) then indeed we shall be wrong-doers
اے پروردگار! ہم کو اس میں سے نکال دے، اگر ہم پھر (ایسے کام) کریں تو ظالم ہوں گے
چوندا ته اي اسان جا پالڻھار ھتان اسان کي ٻاھر ڪڍ پوءِ جيڪڏھن موٽي (ڪفر) ڪريون ته بيشڪ اسين ظالم ٿيون
قَالَ ٱخۡسَـُٔواْ فِيهَا وَلَا تُكَلِّمُونِ
He saith: Begone therein, and speak not unto Me
(خدا) فرمائے گا کہ اسی میں ذلت کے ساتھ پڑے رہو اور مجھ سے بات نہ کرو
(الله) فرمائيندو ته منجھس خوار پيا رھو ۽ مون سان نه ڳالھايو
إِنَّهُۥ كَانَ فَرِيقࣱ مِّنۡ عِبَادِي يَقُولُونَ رَبَّنَآ ءَامَنَّا فَٱغۡفِرۡ لَنَا وَٱرۡحَمۡنَا وَأَنتَ خَيۡرُ ٱلرَّٰحِمِينَ
Lo! there was a party of My slaves who said: Our Lord! We believe, therefor forgive us and have mercy on us for Thou art Best of all who show mercy
میرے بندوں میں ایک گروہ تھا جو دعا کیا کرتا تھا کہ اے ہمارے پروردگار ہم ایمان لائے تو تُو ہم کو بخش دے اور ہم پر رحم کر اور تو سب سے بہتر رحم کرنے والا ہے
ڇوته منھنجن ٻانھن مان ھڪ ٽولي ھئي جا چوندي ھئي ته اي اسان جا پالڻھار اسان ايمان آندو تنھنڪري اسان کي بخش ۽ اسان تي رحم ڪر ۽ تون (سڀ کان) چڱو ٻاجھارو آھين
فَٱتَّخَذۡتُمُوهُمۡ سِخۡرِيًّا حَتَّىٰٓ أَنسَوۡكُمۡ ذِكۡرِي وَكُنتُم مِّنۡهُمۡ تَضۡحَكُونَ
But ye chose them for a laughing-stock until they caused you to forget remembrance of Me, while ye laughed at them
تو تم ان سے تمسخر کرتے رہے یہاں تک کہ ان کے پیچھے میری یاد بھی بھول گئے اور تم (ہمیشہ) ان سے ہنسی کیا کرتے تھے
پوءِ ايسين کين ٺـٺولي ڪري ورتوَ جيسين (سندن دشمنيءَ) اوھان (جي دل) کان منھنجي يادگيري وسارائي ۽ اوھين مٿن کِليؤ ٿي
إِنِّي جَزَيۡتُهُمُ ٱلۡيَوۡمَ بِمَا صَبَرُوٓاْ أَنَّهُمۡ هُمُ ٱلۡفَآئِزُونَ
Lo! I have rewarded them this day forasmuch as they were steadfast in that they, even they, are the triumphant
آج میں نے اُن کو اُن کے صبر کا بدلہ دیا، کہ وہ کامیاب ہوگئے
بيشڪ اڄ کين چڱو بدلو انھي ڪري ڏنم جو صبر ڪيو ھئائون جو اُھي مراد ماڻيندڙ آھن
قَٰلَ كَمۡ لَبِثۡتُمۡ فِي ٱلۡأَرۡضِ عَدَدَ سِنِينَ
He will say: How long tarried ye in the earth, counting by years
(خدا) پوچھے گا کہ تم زمین میں کتنے برس رہے؟
(الله) فرمائيندو ته زمين ۾ (اوھين) ڪيترا ورھ رھيؤ؟
قَالُواْ لَبِثۡنَا يَوۡمًا أَوۡ بَعۡضَ يَوۡمࣲ فَسۡـَٔلِ ٱلۡعَآدِّينَ
They will say: We tarried by a day or part of a day. Ask of those who keep count
وہ کہیں گے کہ ہم ایک روز یا ایک روز سے بھی کم رہے تھے، شمار کرنے والوں سے پوچھ لیجیئے
چوندا ته ھڪ ڏينھن يا ڏينھن جو ڀاڱو رھياسون پوءِ ڳڻيندڙن کان پُڇا ڪر
قَٰلَ إِن لَّبِثۡتُمۡ إِلَّا قَلِيلࣰ اۖ لَّوۡ أَنَّكُمۡ كُنتُمۡ تَعۡلَمُونَ
He will say: Ye tarried but a little if ye only knew
(خدا) فرمائے گا کہ (وہاں) تم (بہت ہی) کم رہے۔ کاش تم جانتے ہوتے
(الله) فرمائيندو ته ٿوريءَ (دير) کانسواءِ نه رھيا ھيؤ جيڪر اوھين ڄاڻو ھا
أَفَحَسِبۡتُمۡ أَنَّمَا خَلَقۡنَٰكُمۡ عَبَثࣰ ا وَأَنَّكُمۡ إِلَيۡنَا لَا تُرۡجَعُونَ
Deemed ye then that We had created you for naught, and that ye would not be returned unto Us
کیا تم یہ خیال کرتے ہو کہ ہم نے تم کو بےفائدہ پیدا کیا ہے اور یہ تم ہماری طرف لوٹ کر نہیں آؤ گے؟
اوھين ڀانيو ٿا ڇا ته اوھان کي اجايو بڻايو اٿئون ۽ اوھين اسان ڏانھن وري نه موٽايا ويندؤ؟
فَتَعَٰلَى ٱللَّهُ ٱلۡمَلِكُ ٱلۡحَقُّۖ لَآ إِلَٰهَ إِلَّا هُوَ رَبُّ ٱلۡعَرۡشِ ٱلۡكَرِيمِ
Now Allah be Exalted, the True King! There is no Allah save Him, the Lord of the Throne of Grace
تو خدا جو سچا بادشاہ ہے (اس کی شان) اس سے اونچی ہے، اس کے سوا کوئی معبود نہیں، وہی عرش بزرگ کا مالک ہے
پوءِ الله سچو بادشاھ تمام مٿاھون آھي، اُن کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي (اھو) سڳوري عرش جو پالڻھار آھي
وَمَن يَدۡعُ مَعَ ٱللَّهِ إِلَٰهًا ءَاخَرَ لَا بُرۡهَٰنَ لَهُۥ بِهِۦ فَإِنَّمَا حِسَابُهُۥ عِندَ رَبِّهِۦٓۚ إِنَّهُۥ لَا يُفۡلِحُ ٱلۡكَٰفِرُونَ
He who crieth unto any other god along with Allah hath no proof thereof. His reckoning is only with his Lord. Lo! disbelievers will not be successful
اور جو شخص خدا کے ساتھ اور معبود کو پکارتا ہے جس کی اس کے پاس کچھ بھی سند نہیں تو اس کا حساب خدا ہی کے ہاں ہوگا۔ کچھ شک نہیں کہ کافر رستگاری نہیں پائیں گے
۽ جيڪو الله سان گڏ ٻئي معبود کي سڏيندو جنھن جو کيس ڪو دليل ڪونھي تنھن جو حساب سندن پالڻھار وٽ ئي آھي، سچ آھي ته ڪافر نه ڇُٽندا
وَقُل رَّبِّ ٱغۡفِرۡ وَٱرۡحَمۡ وَأَنتَ خَيۡرُ ٱلرَّٰحِمِينَ
And (O Muhammad) say: My Lord! Forgive and have mercy, for Thou art Best of all who show mercy
اور خدا سے دعا کرو کہ میرے پروردگار مجھے بخش دے اور (مجھ پر) رحم کر اور تو سب سے بہتر رحم کرنے والا ہے
۽ چؤ ته اي منھنجا پالڻھار بخش ۽ رحم ڪر ۽ تون (سڀني) ٻاجھارن کان چڱو آھين
English translation: Marmaduke Pickthall.Urdu translation: Fateh Muhammad Jalandhry.Sindhi translation: Taj Mehmood Amroti. Arabic: Uthmani Hafs, King Fahd Glorious Quran Printing Complex.