Fussilat · 41:24 Sindhi
فَإِن يَصۡبِرُواْ فَٱلنَّارُ مَثۡوࣰ ى لَّهُمۡۖ وَإِن يَسۡتَعۡتِبُواْ فَمَا هُم مِّنَ ٱلۡمُعۡتَبِينَ
پوءِ جيڪڏھن صبر ڪندا ته (به) اُنھن جي جاءِ باھ آھي، جيڪڏھن معافي گھرندا ته (به) اُنھن کي معافي نه ملندي
Ash-Shura · 42:33 Sindhi
إِن يَشَأۡ يُسۡكِنِ ٱلرِّيحَ فَيَظۡلَلۡنَ رَوَاكِدَ عَلَىٰ ظَهۡرِهِۦٓۚ إِنَّ فِي ذَٰلِكَ لَأٓيَٰتࣲ لِّكُلِّ صَبَّارࣲ شَكُورٍ
جيڪڏھن (خدا) گھري ته وائن کي جھلي پوءِ ٻيڙا درياءَ جي پٺي تي (ھلڻ کان) بيھي رھن، بيشڪ ان ۾ سڀڪنھن صبر ڪندڙ لاءِ نشانيون آھن
Ash-Shura · 42:43 Sindhi
وَلَمَن صَبَرَ وَغَفَرَ إِنَّ ذَٰلِكَ لَمِنۡ عَزۡمِ ٱلۡأُمُورِ
۽ البت جيڪو صبر ڪري ۽ بخشي ته بيشڪ اھو (عفو) ھمّت جي ڪمن مان آھي
Al-Ahqaf · 46:35 Sindhi
فَٱصۡبِرۡ كَمَا صَبَرَ أُوْلُواْ ٱلۡعَزۡمِ مِنَ ٱلرُّسُلِ وَلَا تَسۡتَعۡجِل لَّهُمۡۚ كَأَنَّهُمۡ يَوۡمَ يَرَوۡنَ مَا يُوعَدُونَ لَمۡ يَلۡبَثُوٓاْ إِلَّا سَاعَةࣰ مِّن نَّهَارِۭۚ بَلَٰغࣱۚ فَهَلۡ يُهۡلَكُ إِلَّا ٱلۡقَوۡمُ ٱلۡفَٰسِقُونَ
پوءِ (اي پيغمبر) جيئن وڏي ھمت وارن پيغمبرن صبر ڪيو ھو تئين صبر ڪر ۽ اُنھن لاءِ (عذاب) جلد نه گھُر، جنھن (قيامت) جو کين انجام ڏجي ٿو سو جنھن ڏينھن ڏسندا تنھن ڏينھن (ائين ڀائيندا ته دنيا ۾) ڄڻڪ اُھي ھڪ گھڙيءَ کانسواءِ رھيائي نه ھوا، (اھُو پيغام) پھچائڻو آھي، پوءِ بدڪارن جي قوم کانسواءِ ڪو ھلاڪ نه ڪبو
Al-Hujurat · 49:5 Sindhi
وَلَوۡ أَنَّهُمۡ صَبَرُواْ حَتَّىٰ تَخۡرُجَ إِلَيۡهِمۡ لَكَانَ خَيۡرࣰ ا لَّهُمۡۚ وَٱللَّهُ غَفُورࣱ رَّحِيمࣱ
جيڪڏھن اُھي تنھنجي ڏانھُن نڪرڻ تائين صبر ڪن ھا ته اُنھن لاءِ ڀَلو ھُجي ھا، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي
Qaf · 50:39 Sindhi
فَٱصۡبِرۡ عَلَىٰ مَا يَقُولُونَ وَسَبِّحۡ بِحَمۡدِ رَبِّكَ قَبۡلَ طُلُوعِ ٱلشَّمۡسِ وَقَبۡلَ ٱلۡغُرُوبِ
پوءِ (اي پيغمبر) جيڪي (ڪافر) چوندا آھن تنھن تي صبر ڪر ۽ سج اُڀرڻ کان اڳ ۽ لھڻ کان اڳ پنھنجي پالڻھار جي پاڪائي ساراھ سان بيان ڪر
At-Tur · 52:16 Sindhi
ٱصۡلَوۡهَا فَٱصۡبِرُوٓاْ أَوۡ لَا تَصۡبِرُواْ سَوَآءٌ عَلَيۡكُمۡۖ إِنَّمَا تُجۡزَوۡنَ مَا كُنتُمۡ تَعۡمَلُونَ
ان ۾ گھڙو پوءِ صبر ڪريو يا صبر نه ڪريو، (ته) اوھان لاءِ ھڪ جھڙي (ڳالھ) آھي، جيڪي اوھين ڪندا ھئو رڳو تنھنجو بدلو اوھان کي ڏنو ويندو
At-Tur · 52:48 Sindhi
وَٱصۡبِرۡ لِحُكۡمِ رَبِّكَ فَإِنَّكَ بِأَعۡيُنِنَاۖ وَسَبِّحۡ بِحَمۡدِ رَبِّكَ حِينَ تَقُومُ
۽ (اي پيغمبر) تون پنھنجي پالڻھار جي حُڪم (اچڻ) تائين صبر ڪر ڇوته تون اسان جي نظر ھيٺ آھين ۽ جنھن مھل تون اُٿين (تنھن مھل) پنھنجي پالڻھار جي ساراھ سان پاڪائي بيان ڪر
Al-Qamar · 54:27 Sindhi
إِنَّا مُرۡسِلُواْ ٱلنَّاقَةِ فِتۡنَةࣰ لَّهُمۡ فَٱرۡتَقِبۡهُمۡ وَٱصۡطَبِرۡ
بيشڪ اسين سندن پرک لاءِ (ھڪ) ڏاچي موڪلينداسون پوءِ (اي صالح) انھن جو منتظر رھ ۽ صبر ڪر
Al-Qalam · 68:48 Sindhi
فَٱصۡبِرۡ لِحُكۡمِ رَبِّكَ وَلَا تَكُن كَصَاحِبِ ٱلۡحُوتِ إِذۡ نَادَىٰ وَهُوَ مَكۡظُومࣱ
پوءِ (تون) پنھنجي پالڻھار جي حُڪم (اچڻ) تائين صبر ڪر ۽ مڇيءَ واري (يونس) وانگر نه ھُج، جڏھن دانھن ڪيائين ۽ اُھو ڏک ۾ ڀرجي ويو ھو
Al-Ma'arij · 70:5 Sindhi
فَٱصۡبِرۡ صَبۡرࣰ ا جَمِيلًا
تنھنڪري تون چڱو صبر ڪر
Al-Muzzammil · 73:10 Sindhi
وَٱصۡبِرۡ عَلَىٰ مَا يَقُولُونَ وَٱهۡجُرۡهُمۡ هَجۡرࣰ ا جَمِيلࣰ ا
۽ (ڪافر) جيڪي چوندا آھن تنھن تي صبر ڪر ۽ چڱي طرح انھن کي ڇڏي ڏي
Al-Muddaththir · 74:7 Sindhi
وَلِرَبِّكَ فَٱصۡبِرۡ
۽ پنھنجي پالڻھار (جي حُڪم) لاءِ صبر اختيار ڪر
Al-Insan · 76:12 Sindhi
وَجَزَىٰهُم بِمَا صَبَرُواْ جَنَّةࣰ وَحَرِيرࣰ ا
۽ سندن صبر ڪرڻ سببان باغ ۽ پَٽ (جو ويس) کين بدلو ڏنائين
Al-Insan · 76:24 Sindhi
فَٱصۡبِرۡ لِحُكۡمِ رَبِّكَ وَلَا تُطِعۡ مِنۡهُمۡ ءَاثِمًا أَوۡ كَفُورࣰ ا
پوءِ پنھنجي پالڻھار جي حڪم (اچڻ) تائين صبر ڪر ۽ انھن (ماڻھن) مان ڪنھن گنھگار يا بي شڪر جو چيو نه مڃ
Al-Balad · 90:17 Sindhi
ثُمَّ كَانَ مِنَ ٱلَّذِينَ ءَامَنُواْ وَتَوَاصَوۡاْ بِٱلصَّبۡرِ وَتَوَاصَوۡاْ بِٱلۡمَرۡحَمَةِ
ان کانپوءِ (اُھو) مؤمنن مان ھجي ۽ ھڪ ٻئي کي صبر جي وصيت ڪيائون ۽ (پڻ) ھڪ ٻئي کي (خلق تي) ٻاجھ ڪرڻ جي وصيت ڪيائون
Al-Asr · 103:3 Sindhi
إِلَّا ٱلَّذِينَ ءَامَنُواْ وَعَمِلُواْ ٱلصَّٰلِحَٰتِ وَتَوَاصَوۡاْ بِٱلۡحَقِّ وَتَوَاصَوۡاْ بِٱلصَّبۡرِ
سواءِ انھن جي جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ۽ ھڪ ٻئي کي سچ جي وصيّت ڪيائون، ۽ ھڪ ٻئي کي صبر جي وصّيت ڪيائون