Hud · 11:11 Sindhi
إِلَّا ٱلَّذِينَ صَبَرُواْ وَعَمِلُواْ ٱلصَّٰلِحَٰتِ أُوْلَٰٓئِكَ لَهُم مَّغۡفِرَةࣱ وَأَجۡرࣱ كَبِيرࣱ
پر جن صبر ڪيو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن لاءِ بخشش ۽ وڏو اجر آھي
Hud · 11:49 Sindhi
تِلۡكَ مِنۡ أَنۢبَآءِ ٱلۡغَيۡبِ نُوحِيهَآ إِلَيۡكَۖ مَا كُنتَ تَعۡلَمُهَآ أَنتَ وَلَا قَوۡمُكَ مِن قَبۡلِ هَٰذَاۖ فَٱصۡبِرۡۖ إِنَّ ٱلۡعَٰقِبَةَ لِلۡمُتَّقِينَ
اِھي (قصا) ڳُجھين خبرن مان آھن جي تو ڏانھن وحي ڪريون ٿا، ھن کان اڳ نڪي (ان کي) تون ڄاڻندو ھئين ۽ نڪا تنھنجي قوم ڄاڻندي ھئي، پوءِ صبر ڪريو، بيشڪ پڇاڙي پرھيزگارن لاءِ آھي
Hud · 11:115 Sindhi
وَٱصۡبِرۡ فَإِنَّ ٱللَّهَ لَا يُضِيعُ أَجۡرَ ٱلۡمُحۡسِنِينَ
۽ صبر ڪر بيشڪ الله ڀلارن جو اجر نه وڃائيندو آھي
Yusuf · 12:18 Sindhi
وَجَآءُو عَلَىٰ قَمِيصِهِۦ بِدَمࣲ كَذِبࣲۚ قَالَ بَلۡ سَوَّلَتۡ لَكُمۡ أَنفُسُكُمۡ أَمۡرࣰ اۖ فَصَبۡرࣱ جَمِيلࣱۖ وَٱللَّهُ ٱلۡمُسۡتَعَانُ عَلَىٰ مَا تَصِفُونَ
۽ سندس پھراڻ تي ڪوڙو رت لائي آندائون، (يعقوب) چيو ته (ائين نه آھي) بلڪ اوھان جي نفسن اوھان لاءِ (اُن) ٺاھ کي ٺاھيو آھي، تنھنڪري (مون کي) چڱو صبر ڪرڻ گھرجي، ۽ جيڪي اوھين بيان ڪندا آھيو تنھن تي الله کان مدد گھري وڃي ٿي
Yusuf · 12:83 Sindhi
قَالَ بَلۡ سَوَّلَتۡ لَكُمۡ أَنفُسُكُمۡ أَمۡرࣰ اۖ فَصَبۡرࣱ جَمِيلٌۖ عَسَى ٱللَّهُ أَن يَأۡتِيَنِي بِهِمۡ جَمِيعًاۚ إِنَّهُۥ هُوَ ٱلۡعَلِيمُ ٱلۡحَكِيمُ
(يعقوب) چيو ته (نه!) بلڪ اوھان جي نفس اوھان لاءِ (ڪا) ڳالھ ٺاھي آھي، تنھنڪري چڱو صبر ڪرڻ (منھنجو ڪم) آھي، اميد آھي ته الله انھن سڀني کي مون وٽ آڻيندو، ڇوته اُھو ڄاڻندڙ حِڪمت وارو آھي
Yusuf · 12:90 Sindhi
قَالُوٓاْ أَءِنَّكَ لَأَنتَ يُوسُفُۖ قَالَ أَنَا۠ يُوسُفُ وَهَٰذَآ أَخِيۖ قَدۡ مَنَّ ٱللَّهُ عَلَيۡنَآۖ إِنَّهُۥ مَن يَتَّقِ وَيَصۡبِرۡ فَإِنَّ ٱللَّهَ لَا يُضِيعُ أَجۡرَ ٱلۡمُحۡسِنِينَ
چيائون ته تون ئي پڪ يُوسف آھين ڇا؟ چيائين (ھائو) آءٌ يُوسف آھيان ۽ ھيءُ منھنجو ڀاءُ آھي، بيشڪ الله اسان تي ٻاجھ ڪيو آھي، جيڪو پرھيز گاري ڪندو ۽ صبر ڪندو ته الله ڀلارن جو اجر نه وڃائيندو آھي
Ar-Ra'd · 13:22 Sindhi
وَٱلَّذِينَ صَبَرُواْ ٱبۡتِغَآءَ وَجۡهِ رَبِّهِمۡ وَأَقَامُواْ ٱلصَّلَوٰةَ وَأَنفَقُواْ مِمَّا رَزَقۡنَٰهُمۡ سِرࣰّ ا وَعَلَانِيَةࣰ وَيَدۡرَءُونَ بِٱلۡحَسَنَةِ ٱلسَّيِّئَةَ أُوْلَٰٓئِكَ لَهُمۡ عُقۡبَى ٱلدَّارِ
۽ جن پنھنجي پالڻھار جي رضامندي حاصل ڪرڻ لاءِ صبر ڪيو ۽ نماز پڙھي ۽ جيڪي کين روزي ڏني سون تنھن مان ڳجھو ۽ پڌرو خرچيائون ۽ چڱاين سان مدايون ٽاريندا آھن تن لاءِ آخرت جو گھر آھي
Ar-Ra'd · 13:24 Sindhi
سَلَٰمٌ عَلَيۡكُم بِمَا صَبَرۡتُمۡۚ فَنِعۡمَ عُقۡبَى ٱلدَّارِ
(چوندا ته) انھي ڪري جو (ڏکن ۾) صبر ڪيو ھيؤ سلامتي آھي اوھان تي پوءِ آخرت جو گھر ڀلو آھي
Ibrahim · 14:12 Sindhi
وَمَا لَنَآ أَلَّا نَتَوَكَّلَ عَلَى ٱللَّهِ وَقَدۡ هَدَىٰنَا سُبُلَنَاۚ وَلَنَصۡبِرَنَّ عَلَىٰ مَآ ءَاذَيۡتُمُونَاۚ وَعَلَى ٱللَّهِ فَلۡيَتَوَكَّلِ ٱلۡمُتَوَكِّلُونَ
۽ اسان کي ڇا (ٿيو) آھي ته الله تي ڀروسو نه ڪريون ۽ بيشڪ اسان کي اسانجي سِڌن رستن جي ھدايت ڪيائين، ۽ جيڪي اسان کي ڏکوئيندا آھيو تنھن تي ضرور صبر ڪنداسون، ۽ ڀروسي ڪندڙن کي الله تي ڀروسو ڪرڻ گھرجي
Ibrahim · 14:21 Sindhi
وَبَرَزُواْ لِلَّهِ جَمِيعࣰ ا فَقَالَ ٱلضُّعَفَٰٓؤُاْ لِلَّذِينَ ٱسۡتَكۡبَرُوٓاْ إِنَّا كُنَّا لَكُمۡ تَبَعࣰ ا فَهَلۡ أَنتُم مُّغۡنُونَ عَنَّا مِنۡ عَذَابِ ٱللَّهِ مِن شَيۡءࣲۚ قَالُواْ لَوۡ هَدَىٰنَا ٱللَّهُ لَهَدَيۡنَٰكُمۡۖ سَوَآءٌ عَلَيۡنَآ أَجَزِعۡنَآ أَمۡ صَبَرۡنَا مَا لَنَا مِن مَّحِيصࣲ
۽ مڙيئي الله جي اڳيان حاضر ٿيندا پوءِ ھيڻا ھٺيلن کي چوندا ته اسين اوھان جي پٺيان لڳا ھئاسون پوءِ اوھين الله جي عذاب مان ڪجھ اسان کان ٽارڻ وارا آھيو ڇا؟ (ھٺيلا) چوندا ته الله اسان کي ھدايت ڪري ھا ته اسين به اوھان کي ھدايت ڪريون ھا، (ھاڻي) اسان جو رئڻ رڙڻ يا اسان جو صبر ڪرڻ اسان لاءِ ھڪ جھڙو آھي اسان کي ڪا واہ ڪانه آھي
An-Nahl · 16:42 Sindhi
ٱلَّذِينَ صَبَرُواْ وَعَلَىٰ رَبِّهِمۡ يَتَوَكَّلُونَ
(اُھي نعمتون انھن کي آھن) جن صبر ڪيو ۽ (جي) پنھنجي پالڻھار تي ڀروسو ڪن ٿا
An-Nahl · 16:96 Sindhi
مَا عِندَكُمۡ يَنفَدُ وَمَا عِندَ ٱللَّهِ بَاقࣲۗ وَلَنَجۡزِيَنَّ ٱلَّذِينَ صَبَرُوٓاْ أَجۡرَهُم بِأَحۡسَنِ مَا كَانُواْ يَعۡمَلُونَ
جيڪي اوھان وٽ آھي سو کپي ويندو ۽ جيڪي الله وٽ آھي سو ھميشہ رھڻ وارو آھي، ۽ جن صبر ڪيو تن کي سندن عملن جو بلڪل چڱي طرح بدلو ڏينداسون
An-Nahl · 16:110 Sindhi
ثُمَّ إِنَّ رَبَّكَ لِلَّذِينَ هَاجَرُواْ مِنۢ بَعۡدِ مَا فُتِنُواْ ثُمَّ جَٰهَدُواْ وَصَبَرُوٓاْ إِنَّ رَبَّكَ مِنۢ بَعۡدِهَا لَغَفُورࣱ رَّحِيمࣱ
وري بيشڪ تنھنجو پالڻھار انھن کي (بخشي ٿو) جيڪي (ڪفر جي ڪلمي چوڻ لاءِ ڪافرن جي ھٿان) ايذايا ويا پوءِ وطن ڇڏيائون وري جھاد ڪيائون ۽ صبر ڪيائون بيشڪ تنھنجو پالڻھار ان کانپوءِ ضرور بخشڻھار مھربان آھي
An-Nahl · 16:126 Sindhi
وَإِنۡ عَاقَبۡتُمۡ فَعَاقِبُواْ بِمِثۡلِ مَا عُوقِبۡتُم بِهِۦۖ وَلَئِن صَبَرۡتُمۡ لَهُوَ خَيۡرࣱ لِّلصَّٰبِرِينَ
۽ جيڪڏھن (ڪافرن کان) بدلو وٺو ته جيترو ايذايا ويا ھجو اوترو انھن کي ايذايو، ۽ جيڪڏھن اوھين صبر ڪريو ته اُھو صابرن لاءِ ڀلو آھي
An-Nahl · 16:127 Sindhi
وَٱصۡبِرۡ وَمَا صَبۡرُكَ إِلَّا بِٱللَّهِۚ وَلَا تَحۡزَنۡ عَلَيۡهِمۡ وَلَا تَكُ فِي ضَيۡقࣲ مِّمَّا يَمۡكُرُونَ
۽ (اي پيغمبر) صبر ڪر ۽ تنھنجو صبر الله ئي جي توفيق سان آھي ۽ جيڪو فريب ڪندا آھن تنھن بابت نڪي مٿن ڏک ڪر ۽ نڪي خفي رہ
Al-Kahf · 18:28 Sindhi
وَٱصۡبِرۡ نَفۡسَكَ مَعَ ٱلَّذِينَ يَدۡعُونَ رَبَّهُم بِٱلۡغَدَوٰةِ وَٱلۡعَشِيِّ يُرِيدُونَ وَجۡهَهُۥۖ وَلَا تَعۡدُ عَيۡنَاكَ عَنۡهُمۡ تُرِيدُ زِينَةَ ٱلۡحَيَوٰةِ ٱلدُّنۡيَاۖ وَلَا تُطِعۡ مَنۡ أَغۡفَلۡنَا قَلۡبَهُۥ عَن ذِكۡرِنَا وَٱتَّبَعَ هَوَىٰهُ وَكَانَ أَمۡرُهُۥ فُرُطࣰ ا
۽ پاڻ کي انھن سان صبر ۾ رک جيڪي پنھنجي پالڻھار کي صُبح ۽ سانجھيءَ جو ياد ڪندا آھن (۽) سندس رضا مندي گھرندا آھن ۽ (گھرجي ته) تنھنجون اکيون دُنيا جي حياتيءَ جي سينگار جو ارادو رکي انھن (ياد ڪندڙن) کان (ٻئي پاسي) نه واجھائين، ۽ انھيءَ جي فرمانبرداري نه ڪر جنھن جي دل اسان پنھنجي ياد ڪرڻ کان غافل ڪئي ۽ پنھنجي خواھش جي پٺيان لڳو ۽ سندس ڪم حد کان وڌيل آھي
Al-Kahf · 18:67 Sindhi
قَالَ إِنَّكَ لَن تَسۡتَطِيعَ مَعِيَ صَبۡرࣰ ا
(خضرؑ) چيو ته تون مون سان ڪڏھن به صبر ڪري نه سگھندين
Al-Kahf · 18:68 Sindhi
وَكَيۡفَ تَصۡبِرُ عَلَىٰ مَا لَمۡ تُحِطۡ بِهِۦ خُبۡرࣰ ا
۽ جنھن جي توکي خبر ئي نه آھي تنھن تي تون ڪٿي صبر ڪندين
Al-Kahf · 18:69 Sindhi
قَالَ سَتَجِدُنِيٓ إِن شَآءَ ٱللَّهُ صَابِرࣰ ا وَلَآ أَعۡصِي لَكَ أَمۡرࣰ ا
(موسىٰؑ) چيو ته جي الله گھريو ته مون کي صبر ڪندڙ لھندين ۽ آءٌ تنھنجي حُڪم جي نافرماني نه ڪندس
Al-Kahf · 18:72 Sindhi
قَالَ أَلَمۡ أَقُلۡ إِنَّكَ لَن تَسۡتَطِيعَ مَعِيَ صَبۡرࣰ ا
(خضرؑ) چيو ته توکي نه چيو ھوم ڇا ته تون مون سان صبر ڪري نه سگھندين